اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا سبب وڌيڪ 43 مريض فوت ٿيا آهن جنهن کان پوءِ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 10 هزار 851 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 41 هزار ٽيسٽون ڪيون ويون. جنهن کان پوءِ ڪورونا ٽيسٽن جو گڏيل انگ 73 لک 67 هزار 622 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 هزار 521 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 5 لک 19 هزار 291 تائين پهچي ويو آهي. ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ 2 لک 34 هزار 654 ڪورونا ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا آهن. ان کان علاوه پنجاب ۾ هڪ لک 49 هزار 222، خيبرپختونخواهه ۾ 63 هزار 339، بلوچستان ۾ 18 هزار 569، اسلام آباد ۾ 40 هزار 19، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 606 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882 ڄڻا ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 540 مريض صحتياب ٿي ويا آهن.اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 4 لک 73 هزار 639 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 43 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 10 هزار 951 ٿي ويو آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ سڀني کان وڌيڪ رهيو آهي پر هن وبا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 4 هزار 409 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.سنڌ ۾ 3 هزار 775، ڪي پي ڪي ۾ هڪ هزار 779، اسلام آباد ۾ 456، گلگت بلتستان ۾ 101، بلوچستان ۾ 190 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 241 گڏيل ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ هن وقت ڪرونا جا 34 هزار 701 فعال مريص موجود آهن جيڪي پنهنجي گهرن ۽ اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن انهن مان 2 هزار 373 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.










