واپڊا جي نجڪاري خلاف آل واپڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ يونين پاران احتجاج

ميرپورخاص (ن سنڌيار) واپڊا جي نجڪاري خلاف آل واپڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ يونين پاران واپڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر ھئا جن تي مختلف نعرا درج ٿيل ھئا. ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن يوسف سومرو، عبدالجبار لغاري، شاھد ڪاظمي، سڪندر مھر ۽ ٻين چيو ته ادارن جي نجڪاري ملڪي سالميت جي خلاف آھي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو.ھنن حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن واپڊا جي ڪمپنين جي نجڪاري وارا آرڊر واپس نه ورتا ويا ته اسلام آباد پھچي پارليامينٽ جو گھيراءُ ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو