گهرو اڻبڻت تان ننڍي ڀاءُ وڏي کي فائر ڪري فرار

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپورڪچي جي ڳوٺ نظر محمد جاگيراڻي ۾ گھرو اڻبت تان جوابدار عبدالستار جاگيراڻي پنھنجي وڏي ڀاء عبدالشڪور کي بندوق جو فائر ڪري مرڻينگ ڪري فرارٿي ويو  ڪچي جي جنگڻ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ نظر محمد جاگيراڻي ۾ عثمان جاگيراڻي جي گھر ۾ معمولي ڳالھ تان ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي  دوران وڏي ڀاء ننڍي ڀاء کي ڪاوڙ ۾ اچي دڙڪا ڏنه جنھن تي ننڍي ڀاء عبدالستار جاگيراڻي ڪاوڙ ۾ اچي گھر ۾ پيل رائفل جو فائير ڪري وڏي ڀاء عبداشڪور جاگيراڻي کي زخمي ڪري گھران نڪري فرار ٿي ويو۔ واقعي جي اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي نوجوان کي غوثپور جي سرڪاري اسپتال علاج لا۽ آندو ۔ حد جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو