مدرسن جي طالبن کي پي ڊي ايم جلسن ۾ وڃڻ کان روڪڻ جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) حڪومت مدرسن جي ٻارڙن کي پي ڊي ايم جلسن ۽  احتجاج ۾شامل ٿيڻ کان روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.حڪومت مدرسن جي ٻارڙن کي پي ڊي ايم احتجاج ۾ شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي اهو ٽاسڪ سونپي ڇڏيو آهي .شيخ رشيد عالمن سان اهم ملاقات ڪندو ۽ انهن کي حڪومتي پاليسي تي اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مذهب جي آڙ ۾ سياست جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو