غير رجسٽرڊ پيٽرول پمپ سيل، نوٽيس جاري

تنگواڻي (رپورٽ:) ضلعي انتظاميه ۽ ڪسٽم فورس پاران ڪشمور ضلعي جي مختلف غير قانوني ۽  رجسٽرڊ نه ٿيل  پئٽرول پئمپ سيل ڪري ڇڏيا. ضلعي انتظاميه، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس پاران ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي  ٻن تعلقن ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ ڪاروائي ڪندي  9 غير قانوني پئٽرول پئمپ سيل ڪيا ويا آهن ۽ مالڪن کي نوٽس پڻ ڏنا ويا آهن  ياد رهي ته ضلعي انتظاميه پاران  پهريان به اهڙيون ڪاروائيون ڪيون ويو آهن جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ به غير قانوني ۽ ملاوٽ شده يا وڌيڪ اڳه وٺندڙ خلاف وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو