امريڪا ۾ هيليڪاپٽر ڪار جي تياري شروع

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي ڪار ساز ڪمپني هيليڪاپٽر جيان اڏامندڙ ڪار جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. هي مستقبل جي جديد ٽيڪنالوجي واري ڪار مختلف شهرن ۾ هڪ عمارت جي ڇت تان ٻئي ڇت تي لهي سگهندي. اهڙي ڪار جي تياري بعد امريڪا ۾ ڪنسٽرڪشن جي صنعت وڏين عمارتن تي هيلي پيڊ ٺاهڻ به شروع ڪيا آهن. هي ڪيڊيلڪ ڪار 55 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سيڪورٽي سبب اعليٰ سرڪاري عملدارن جي توڙي بزنس مين هن مان بهتر فائدو حاصل ڪري سگهندا ۽ وقت به بچندو.

پهنجو تبصرو موڪليو