پُل تي 3 گاڏين ۾ ٽڪر 5 زخمي اسپتال منتقل

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ٺٽو ـ حيدرآباد قومي شاھراھ تي جهرڪ ۽ سونڊا جي وچ تي ٻڌل ڊبل پل تي گذريل رات ٽن ڪارن وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ پنجن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. زخمين مان عمير زمان کي حيدرآباد نيو ويو جنھن جي لاء ٻڌايو پيو وڃي تـ ھو نيشنل بئنڪ ٺٽو جو آپريشن مينيجر آھي جنھن جڏهن ته وڌيڪ زخمين لاء ٻڌايو پيو وڃي تـ کين سول اسپتال ٺٽي ڏانهن روانو ڪيو ويو آھي سول اسپتال ٺٽي ڏانھن روانو ڪيل زخمين جا نالا علي محمد شاھ ـ صدام حسين ميمڻ جو تعلق ٺٽي سان آھي رفيق عباسي جو تعلق شھر ٻھارا سان آھي جڏھن تـ وڌيڪ زخمين ۾ عبدالمجيد ـ علي محمد جوکيو ـ ذوالقرنين قريشي ـ سھيل ـ زاھد درس ۽ اسد ملاح  ٻڌايا پيا وڃن جنھن جي لاء ٻڌايو پيو وڃي تـ انھن جو تعلق بـ ٺٽي ۽ ساڪرو سان آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو