سڪرنڊ ۾ شاعر مير محمد پيرزادي جي ورسي ملهائي وئي

سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪمار اوڏ) سنڌي گيت جي سر موڙ شاعر مير محمد پيرزادي جي ٻين ورسي سڪرنڊ ٽائون ڪميٽيءَ جي سيمينار هال ۾ سنڌ سجاڳ فورم سڪرنڊ طرفان سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي سهڪار سان پروقار نموني ملهائي وئي.تقريب کي خطاب ڪندي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته مير محمد پيرزادو نه رڳو اديب، شاعر ۽ ساڃاهه وند هو پر هو قومي فڪر جو قلعو هو، هن هزارين قومي سوچ رکندڙ ڪارڪن پيدا ڪيا جن جي دلين ۾ سنڌ ڌڙڪندي آهي.درگاهه پير ذاڪري جي سجاده نشين ۽ اڳوڻي چيئرمين ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ سيد محمد  منير شاهه چيو ته مير محمد پيرزادي جي شاعري سنڌ جي شاعري آهي، جنهن جي پڙھڻ سان ڌرتيءَ جو عشق پروان چڙھي ٿو. مير محمد پيرزادو اهڙو امر ڪردار آهي جيڪو مرڻو نه آهي. نامياري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو چيو ته مير محمد پيرزادو ان گهاٽي بڙ جيان هو، جنهن جي ڇانوَ ۾ ويهي شعور جا درس پڙھي سگهجن ٿا. هن جي شاعريءَ ۾ سماج جي عڪاسي چٽي نظر اچي ٿي، جنهن مان سندس ڏات ۽ ڏاهپ جو ڏانءُ نظر اچي ٿو.مير محمد پيرزادي جي فرزند رحمت الله پيرزادي چيو ته سائين مير محمد پيرزادو شاعري ۽ قومي سوچ رکڻ واري فرد کان الڳ هڪ بهترين پيءُ پڻ ھو، جنهن جي تربيت جو اثر سندس اولاد ۾ پڌرو آهي. ورسي تقريب کي منور سراج، وسيم سومرو، محمد حنيف سومرو، معشوق ڌاريجو، مجيد عباسي، سائل پيرزاده، علي نواز ڏاهري ۽ ٻين  پڻ خطاب ڪيو.جڏھن ته تقريب ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن کانسواءِ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائي جا فرض گيت جي نامياري شاعر ماڻڪ ملاح ادا ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو