ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏينهن ڳڙهي خدابخش ۾ ملهايو ويو

نئون ديرو (شاد محمود ڀٽو) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 93 هون جنم ڏينهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جا اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، نثار مراد ڀٽو، منصور سومرو، خير محمد شيخ، مهراڻ ناريجو، توفيق ڀٽو، خالد ڪريم مڱريو، انور علي نواز لهر، لالا نظر پٺاڻ، زاهد جلباڻي، سيد ارشد راشدي، سرفراز ميراڻي، طالب جروار ۽ محمد علي جروار سميت پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نئون ديرو ۽ تعلقي رتوديرو جا اڳواڻ موجود هئا.قرآن خوانيءَ بعد اجتماعي دعا گهري سوين پارٽي ورڪرن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪري گل نڇاور ڪري جذباتي انداز ۾ نعرا هڻي شهيد قائد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بعد ۾ ڪارڪنن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون پڻ ڀريون.مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد سوين ڪارڪنن جو قافلو ڳڙهي خدابخش ڀٽو اسپتال ۾ پهتو جتي پيپلز ڊاڪٽرز فورم پاران نئون ديرو، ڳڙهي خدابخش ڀٽو، بنگل ديرو، رتوديرو ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي اکين جي مفت علاج لاءِ سالياني اکين جي ڪئمپ پڻ لڳائي وئي. جتي ايندڙ سوين مريضن جي اکين جي چڪاس ڪرڻ بعد کين مفت دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو