2020 جهڙو سال شال وري نه موٽي

2020 جهڙو سال شال وري نه موٽي

2020 جهڙو سال شال وري نه موٽي

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

هر صبح اُڀرندڙ سج خيرن جون دُعائون کڻي پالڻهار جي در ٻاڏائي ٿو، هر مهينو توڙي جو هر سال به اهڙي ريت خيرن جون دُعائون گُهري سلامتي سان پنهنجو سفر اڳيان وڌڻ جون خواهشون رکندي سُک ۽ امن جي ڪرڻن جي پاسداري ڪندي پوري انسانيت لاءِ دعاگو رهي ٿو، سال 2020ع جو لهي ويل آخري سج به الوداع ڪري هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ رب ڌڻي آڏو 2021 لاءِ سلامتي ۽ پوري انسان ذات جي خوشين لاءِ دعائن جا دروازا کولي بهتري جون تمنائون ۽ آسون اميدون ڏئي سال 2021 کي خوش آمديد ڪيو آهي، ته شال الله رب العزت هر انسان جو سال 2021 خوشين، خواهشن سلامتين، آرام ۽ سڪون سان گذري.هِڪڙي ڳالهه ته يقينن سڀني جي اڳيان آهي ته گذريل سال 2020 ۾ جيڪو وهيو ۽ واپريو سو يقينن انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ امتحان جون گهڙيون هيون، جنهن جو ڪهڙي به رُخ سان ذڪر ڪجي ته رڳو درد ئي درد سمايل نظر ايندا، سال جي شروعات کان آخر تائين جيڪي ڏکيا امتحان آيا، تن شايد هڪڙي جهور پوڙهي چاچا وريل درس موجب ته مون کي خواب وانگر ياد اچي ٿو ته سال 1919 يا 1920 ۾ جيڪي مصيبتون آيون تنهن دوران ٻيا ڏک ۽ تڪليفون ته پنهنجي جاءِ تي پر پوري دنيا سميت اسان جي ملڪ ۾ به هڪ خطرناڪ بيماري ڦهلجي هئي، جنهن دوران ماڻهو ڪنهن ڳوٺاڻي يا شهري کي دفنائي موٽندا مس هئا ته ٻه کان چار ٻيا جنازا کڄڻ جو انتطار ڪندا هئا، خير 2020 ۾ اِهڙي صورتحال ته ڪونه رهي باقي جيڪڏهن هر رُخ سان ڏسجي ته گذريل سال هڪ امتحان وارو سال رهيو آهي، موت ته برحق آهي جيڪو انسان هڪ ڏينهن اسان جي پيٽ مان نڪري ماءُ جي هنج ۾ اچي ٿو، اُهو ضرور هڪڙي ڏينهن مالڪ حقيقي سان وڃي ملڻو آهي، اِهڙي لمحي کان ڪير به انڪاري نٿو ٿي سگهي.سال 2020 جي شروعاتي مهينن کان پهريان يعني 2019 جي آخر کان ملڪ سميت پوري سنڌ اندر جيڪا ماڪڙ اچي نڪتي تنهن نه رڳو غريب هارين، مزدورن جون متيون منجهايو پر وڏا وڏا ڊنگ زميندار به ماڪڙ جي مصيبت ۾ اچي ويا، تنهن دوران ماڪڙ شروعاتي طور تي اچي ڪڻڪ جي فصل کي نقصان ڏنو، تنهن بعد وونئڻ، ڀاڄيون ۽ ماڪڙ ڪٽڪ جي صورت ۾ اچي جڏهن سنڌ جي سارين واري فصل ۾ ڪاهي پئي، تڏهن نه رڳو آبادگار پريشان رهيا پر گڏوگڏ سياسي ڀوتار جيڪي زمينداري ۾ به ڀاڱي ڀائيوار آهن، تن جون اکيون کولرائي ڇڏيون، نيٺ سنڌ حڪومت ماڪڙ جي خاتمي جا تڪڙا اُپاءُ ورتا ۽ وڌيڪ ٿيندڙ نقصان کان بچائي ورتو، سنڌ اندر ماڪڙ اَڃان ديرا ئي ڪونه ڇڏيا هُئا ته مٿان وري ڪورونا جا قهر شروع ٿي ويا، جيتوڻيڪ سال 2020 جي شروعاتي ڏينهن ۾ به ڪورونا جون خبرون اينديون رهيون، حڪومت طرفان بار بار هدايتون به جاري ٿينديون رهيون پر پوري ملڪ جي چئني صوبن ۾ جتي ڪورونا وڪوڙجي وئي ۽ مريضن جو شروعاتي ريشو ته سنڌ مان ئي وڌيو پر پوءِ وڃي پنجاب اندر ڪورونا تيزي سان پکڙيو تنهن دوران وفاقي حڪومت ته خاموشي روزو رکيو ويٺي هئي پر آءُ اڳ به چار ڀيرا سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه کي خراج تحسين پيش ڪري چڪو آهيان، جنهن فوري طور وفاق سان رابطا ڪري پوري ملڪ اندر لاڪ ڊائون جو مشورو ڏنو ۽ وفاق اِهڙي مشوري بعد به سستي جو مظاهرو ڪندي رهي، نيٺ سنڌ حڪومت عوامي مفادن ۽ انساني جانين جو بچاءُ ڪندي پوري صوبي ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ تنهن کانپوءِ ٻين صوبن توڙي وفاقي حڪومت جي اک کُلي، جڏهن قاتل ڪورونا مڪمل طور پکڙجي چڪو هو، تنهن دوران پاڻ ڏٺوسين ته هر روز ڪورونا وگهي سوين جانيون ضايع ٿيون، ايتري قدر جو انهن فوتين جي پونئيرن کي نه جنازي نماز پڙهائڻ ڏني وئي ۽ نه وري آخري سندن ديدار به نصيب ٿيو، اِهڙي ريت اُنهي ڏکي گهڙي دوران ڪيترائي محب وطن سياسي اڳواڻ، سماجي دوست، مذهبي عالم توڙي هر مڪتب فڪر جا ماڻهو پنهنجن پيارن کان هميشه لاءِ جدائي ڪري ويا. سنڌ اندر جڏهن ڪورونا جي مريضن جو وڌاءُ ٿيندو رهيو ته 10 مارچ 2020 تي سندن مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ٿيو هو، جنهن ۾ نه رڳو ڪاروباري مرڪز پر گڏوگڏ جڏهن عدالتن اندر ڪورنا ڪيس سامهون آيا ته عدالتن کي به نالي ماتر کوليو ويو ۽ سواءِ ارجنٽ ڪيسن جي باقي مڪمل ڪم مارچ کان آڪٽوبر تائين ٺپ رهيا، تنهن دوران آئون سمجهان ٿو ته معاشي طور جتي ڪاروباري ماڻهن کان وٺي مزدور طبقي تائين جيڪو نقصان ٿيو ان جو ته ڪاٿو به نه ٿو لڳائي سگهجي، پر گڏوگڏ انهن ڏينهن کان وٺي اڄ سوڌو جيڪي سُفيد پوش منهنجي وڪيل ڀائرن جو معاشي نقصان ٿيو آهي ۽ جنهن تڪليف وارين گهڙين ۾ اُهي سفيد پوش وڪيل حضرات اڄ سوڌو تڪليفون ڀوڳي رهيا آهن، تن بابت ته ڪنهن جي ڪن تي جونءَ به ڪونه چُري آهي، هڪ وڪيل ساٿي ٻڌايو ته سال 2020 جي مارچ مهيني کان وٺي اڄ تائين جيڪو معاشي نقصان ٿيو آهي ان جو پوراءُ ايندڙ ٻن کان ٽن سالن تائين به ڪونه ٿي سگهندو ۽ اسين انهي ٻن کان ٽن سالن تائين معاشي طور ان بئلنس رهنداسون پر انهي شرط سان ته جيڪو ڪجهه اڄ وهي واپري پيو، ورنه اسان جو اڃا وڌيڪ سالن تائين معاشي سسٽم بهتر نه رهي سگهندو. هڪڙي ڳالهه آئون اڳ ۾ به ڪري چڪو آهيان ته انهي ڏکي گهڙي ۾ غريب ته هونئن به مفلسي واري زندگي گهاري ٿو ان کان ته ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي، حڪومت جيڪڏهن ٻن کان ٽن مهينن تائين ڪي 10 کان 20 هزار احساس ڪفالت پروگرام جو نالو هجي يا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هجي يا وري ڪي راشن بيگ ڏنا هجن، انهن عملن سان هنن ڪا جنگ فتح ڪونه ڪئي آهي، پر صرف هڪ خانه پوري هئي يعني غريب ته هونئن به سورن ۾ آهي، ٻيو طبقو اسان جي سسٽم ۾ سرڪاري ملازمت جو به آهي، جن لاءِ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته انهن جي ماهوار پگهار کي ته ”نه مينهن جو ڊپ نه هوا جو ڪو لوڏو“ يعني انهن کي ته پگهار ملڻي ئي ملئي آهي باقي جيڪي روز مزدوري يعني اسان جهڙا سفيد پوش ماڻهو جن جي ٻچن جو گذرسفر ڪنهن پيشي تي هجي ٿو جيئن وڪيلن جو گذر سفر عدالتن مٿان عائد ٿئي ٿو، جيڪڏهن عدالتون بند رهنديون ته اتي مقرر جج صاحبان هجن يا وري ٻيو سرڪاري عملو، پٽيوالي تائين انهن جي پگهار کي ته نه لهر نه لوڏو باقي اصل جيڪا تڪليف وڪيل برادري ڀوڳي آهي سا بدتر تڪليف چئي سگهجي ٿي.ماڪڙ هجي يا ڪورونا جي وبا پر گڏوگڏ اسان سال 2020 جي وچ وارن مهينن ۾ هڪ ٻي مصيبت اکين آڏو ڏٺي جيڪا ڪڏهن به نه ٻڌي هئي ۽ نه وري ڏٺي هئي، اڳي جڏهن اونهاري جي مند شروع ٿيندي هئي ته گڏهه ۽ ڪُتا به آواره گردي ڪندا هئا پر هن ڀيري سال 2020 ۾ هڪ انوکي ڪيفيت سامهون آئي ته گرمين جي گذرڻ کانپوءِ جيئن سرديون شروع ٿيون ته ڪُتن ڏاڙهڻ شروع ڪيو ايتري قدر جو اُهي رولو ڪتا ٽولن جي صورت ۾ شهرن جي بازارن ۽ ڳوٺن جي معصوم ٻارڙن کان وٺي پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين ماڻهن کي ڏاڙهيو ۽ ڪيترائي ٻار اهڙن حملن ۾ موت جي به منهن چڙهيا، مون ڏٺو ۽ پڙهيو ته ميونسپل انتظاميه توڙي يوسي انتظاميه اهڙن ڪتن جي خاتمي لاءِ وائڙائپ جو شڪار ٿيندي رهي ته آخر انهن ڪُتن جو ڪيئن خاتمو ڪجي، پاڻ جيڪڏهن هن 2020 سال ۾ انهن بيمارين ماڪڙن ۽ ڇتن ڪتن ۽ رولو گڏهن جو ڪهڙي رُخ کان ذڪر ڪريون پر انهي بدنصيب سال جنهن پوري دنيا سان گڏوگڏ ملڪ ۽ خاص طور سنڌ اندر تعليم جي تباهي ڪئي آهي سا خبر ناهي ته اهڙي تباهي جو پوراءُ ڪڏهن ممڪن ٿيندو، الائي جي نه، گذريل پوري هڪ سال کان سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن کي مڪمل طور بند رکيو ويو آهي، جنهن ڪري آئون سمجهان ٿو ته اسان هر پريشاني اُها معاشي صورت هجي يا سياسي صورت، ڪاروباري، مذهبي يا وري ريتن ۽ رسمن واري صورت هجي، ان کي ته وقت جي رفتار سان منهن ڏيڻ ممڪن آهي پر جيڪا گذريل سال تعليم جي تباهي ٿي آهي، تنهن کي منهن ڏيڻ ته ممڪن ئي ڪونهي. سال 2020 ۾ جيڪي قهر ڪلور ٿيا، انهن ۾ ڪيترن ئي صحافي ڀائرن کي به حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪرڻ تان هميشه لاءِ راهن تان هٽايو ويو، جنهن ۾ محرابپور جو صحافي عزيز ميمڻ جو قتل هجي يا بلوچستان جي نياڻي صحافڻ شاهينه شاهين جو دردناڪ قتل، اهڙي طرح پوري سنڌ اندر ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين قبائلي جهيڙن سبب لاتعداد ڳڀرو نوجوانن جا لاش پنهنجي عزيزن ۽ اقابرن دفنايا، منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن آئون سال 2020 ۾ پيش آيل انهن درد ڀرين واقعن حادثن جو ذڪر ڪريان ته هي ڪالم کُٽي ويندو پر اهي واقعا پوري طرح ڳڻائي نه سگهبا، هن ديس امن جي ڌرتي صوفين بزرگن، عالمن، سَچارن، شريفن، استادن، صحافين ۽ وڪيلن جي سنڌ ڌرتي جا سور ته کٽڻ ۽ ڳڻڻ کان به گهڻا آهن، سال 2020 ۾ جتي وڏا اذيتناڪ واقعا هن ديس ڌڻين جي قسمت جو حصو رهيا، اُتي انهن بيروزگار نوجوانن به پنهنجون ڊگريون ۽ ڪاغذ هٿن ۾ کڻي وس وارن ڏانهن هر وقت واجهائيندا رهيا پر انهن بي رحمن کي ڪڏهن به ڪنهن غريب، هاري ۽ پورهيت توڙي جي قابل ۽ ٽئلينٽ يافته نوجوانن جوڪوبه احساس ڪونه ٿيو، سڄو سال اُهي نوجوان توڙي جو معصوم نياڻيون نوڪرين خاطر سرڪاري دفترن جا چڪر ڪاٽيندي سڄو سال گذاري ڇڏيو. سال 2020 ۾ جتي ٻيا درد ڀريا واقعا پيش آيا، انهن ۾ اغوا ٿيلن جون لسٽون به منهنجي سامهون آهن پر گڏوگڏ هن بدنصيب سال ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جتي ٻين نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو اتي قانون جي رکوالن ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري توڙي جو قانون جي شاگرد مهراڻ شاهه کي به نه بخشيو، تن به هن گذريل سال ڪيئي ڏکيون گهڙيون گهاريون، نيٺ انهن کي عدالتي مداخلت بعد آزاد به ڪيو ويو اهڙي طرح جيڪڏهن سال 2020 ۾ پوري سنڌ اتر کان لاڙ يا ڪاڇي کان ڪوهستان توڙي ڪراچي جي دردن جو ذڪر ڪجي، جتي گذريل سال جي برساتن ۾ ڪراچي واسين تڪليفون سَٺيون ته ساڳي ريت منهنجي اکين آڏو ٿر واسين جا ڏک ۽ ڏلاوا به تري ايندا، جتي انهن ماروئڙن ٻيا درد به برداشت ڪيا پر گذريل سال لڳ ڀڳ هڪ هزار معصومن جا جنازا پنهنجن ڳوڙهن سان دفنايا، سي مارو ماڻهو گرمي هجي يا سردي سندن زندگي ڪيئن ٿي گذري سا ڳالهه ته هر باضمير ڄاڻي سگهي ٿو. گذريل سڄي سال جي شروعاتي مهينن کان ڊسمبر تائين جيڪي تڪليفون سامهون آيون، خاص ڪري ملڪ ۾ رهندڙ امن ۽ شانتي جي پانڌيئڙن هندو ڀائرن ۾ تڏهن ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇائنجي وئي جڏهن ڪرڪ ۾ هنن جي مذهبي عبادتگاهه کي ساڙيو ويو، شايد خبر ناهي تنهن وقت انهن هندو ڀائرن جي دل مان ڪهڙي آهه نڪتي هوندي، بهرحال، منهنجي الله رب العزت کان دُعا آهي ته هي نئون سال 2021 هر عالم انسان لاءِ بنا ڪنهن مذهبي يا نسلي فرق جي خير و عافيت سان گذري.

پهنجو تبصرو موڪليو