صنم جنگ طلاق بابت وضاحتي بيان ڏيئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)نئين سال جي شروعات کان وٺي اداڪار ۽ ميزبان صنم جنگ جي طلاق مطعلق جيڪو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو هو ان تي هنپنهنجي طلاق جي خبرن بابت وضاحتي بيان ڏيئي ڇڏيو آهي.ڪالهه سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي صنم جنگ پنهنجي مڙس قاسم جعفري سان گڏ تصوير ۽ طلاق جي خبر سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي هئي.اداڪاره ۽ ميزبان صنم جنگ ان حوالي سان هڪ تفصيلي پوسٽ شيئر ڪئي آهي.انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ، اداڪاره صنم جنگ چيو ، ”مان صرف ان کي واضح ڪيو انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ ۾ اداڪاره صنم جنگ چيو ته مان صرف اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ۽ قسام جي عليحدگي بابت افواهن ۾ ڪابه سچائي ناهي. هي افواهه منهنجي انسٽاگرام پوسٽ تي هڪ مداح طرفان ڪيل تبصري تي ٻڌل آهي. صنم جنگ جو چوڻ آهي ته مون انهي سلسلي ۾ ڪا وضاحت ڏيڻ جو ارادو نه هو پر قسام ۽ منهنجي گهروارن کي تقريباً روزانه انهي مسئلي بابت فون ڪالون اينديون آهن.صنم جنگ جي مطابق  قسام ۽ مان خوشيءَ واري زندگي گزاري رهيا رهيا آهيون ۽ ايندڙ هفتي اسان پنهنجي شادي جي ڇهين سالگره ملهائڻ وارا آهيون.اداڪاره جو چوڻ آهي ته هوءَ واقعي به شڪرگذار رهندي  جيڪڏهن ماڻهو اهي غلط افواهون پوسٽ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا.اداڪاره ۽ ميزبان چيو ته الحمدلله ، اسان جو هڪ خوشحال خاندان آهي جتي اسان خوشحال زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ اسان پنهنجي باقي زندگي هڪٻئي سان گذارڻ جي منتظر آهيون.مداحن کي اپيل ڪندي اداڪارا لکيو ته ”مان توهان سان پرخلوص گذارش ڪيان ٿي ته توهان اهڙيون افواهون پکيڙي سچ جي دعويٰ نه ڪريو.صنم جنگ جو چوڻ آهي ته اهو ڪنهن جي گهرواري تي سنگين الزام هڻڻ صحيح نه آهي ۽ اسان ان احمقانه افواهن جي ڪري تمام گهڻو پريشان آهيون.اداڪارا وڌيڪ لکيو ته مهرباني ڪري اسان جي خاندان سان ڪجهه همدردي ڪريو ڇو ته اسان به توهان وانگر ماڻهو آهيون.اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته نئين سال جي شروعات کان وٺي صنم جنگ جي طلاق بابت افواهون سوشل ميڊيا جي زينت رهيون آهن.سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي وڏي تعداد صنم جنگ جي پنهنجي اڪيلي تصوير تي تبصرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو چوڻ آهي ته صنم جنگ ۽ سندس مڙس جي وچ ۾ عليحدگي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو