ڪنڌڪوٽ (ن سنڌيار) تنگواڻي ويجهو مزدا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 معصوم ڀينرون فوت، ماءُ ۽ ڀاڻيجو زخمي، ٽرالر ڊرائيور گرفتار. خبرموجب ٺل ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار مزدا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڀينر نينگريون 5 سالن جي تسابان ۽ 6 سالن جي سڪندره ٿڏي تي فوت ٿي ويون، جڏهن ته سندن ماءُ پيروزان خاتون ۽ ڀاڻيجو صحبت گجراڻي سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين ۽ فوت ٿيل نينگرين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جن مان زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، نينگرين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو. پوليس ڪارروائي ڪري ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










