هندو برادري جو ڪرڪ مندر واقعي خلاف احتجاجي  مظاهرو

هندو برادري جو ڪرڪ مندر واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ڪي پي ڪي ۾ هندن جي مندر تي حملي واري واقعي خلاف اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.ڪي پي ڪي ۾ مندر تي حملي ۽ بي حرمتي واري واقعي خلاف اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،اُنهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ يوٿ فورم ۽ واپاري ايسوسيشن جي سڏ تي هندو برادري جي ماڻهن واپاري اڳواڻن ڪلديپ پارواڻي،ڊاڪٽر شنڪرلال،واشديو لوهاڻو،معصوم ميت لوهاڻو جي اڳواڻي هندو برادري جي ماڻهن  احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مندر تي حملي جي پيش آيل واقعي سان سموري هندو برادري جي دل آزاري ٿي آهي،ڪجھ عناصر نٿا چاهين ته هتي هندو مسلم گڏجي امن ۽ ڀائيچاري سان رهن،انهي لاءِ اهڙا واقعا ڪري ملڪ جو  نالو به خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا،پر اسين واضع چئون ٿا ته پاڪستان ۾ هندن کي به پنهنجا حق مليل آهن،اسان پنهنجي ملڪ ۾ محفوظ آهيون،ڪجھ عناصر ملڪ جو نالو خراب ڪرڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن،اسان چيف جسٽس آف پاڪستان جا ٿورائتا آهيون جنهن واقعي تي سوموٽو نوٽيس ورتو آهي،اسان حڪومت پاڪستان کان گهر ٿا ڪريون ته سمورن ملوث ملزمن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو