نئين سال جي خوشي ۾ برج الخليفه تي پاڪستان جو پرچم روشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نئين سال جي خوشيءَ ۾  متحده عرب امارات ۾ برج الخليفه تي پاڪستان جو پرچم روشن ڪيو ويو.متحده عرب امارات جي برج الخليفه ۽ برج العرب تي شاندار آتشبازي ڪئي وئي ۽ برج الخليفه تي پاڪستان جو پرچم به روشن ڪيو ويو.نيوزي لينڊ، آسٽريليا، تائيوان ۽ ٿاءِ لينڊ ۾ نئون سال 2021 شروع ٿي ويو آهي ۽ نيوزي لينڊ جي شهر آڪلينڊ جي اسڪاءِ ٽاور تي شاندار آتش بازي جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ نئين سال کي خوش آمديد چوڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو جمع ٿي ويا.ان کان علاوه چين جي شهر ووهان ۾ به عوام رستن تي نڪري نئين سال کي خوش آمديد ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو