تحرير الله وسايو گهوٽو
مسلم ليگ ن جو مشاورتي اجلاس سينيئر رهنما احسن اقبال جي گهر ٿيو جيئن ئي اجلاس ختم ٿيو ته اتي ٻاهران ويٺل نيب عملدارن خواجه آصف کي اتان گرفتار ڪري ورتو جنهن تي مريم نواز شديد احتجاج ڪيو ۽ چيو ته خواجه آصف کي نيب اغوا ڪيو آهي. ٻي اهم ڳاله اڄ جي آرٽيڪل ۾ اها آهي ته پيپيلز پارٽي جو سي اي سي جو اجلاس بلاول هائو س ٿيو ۽ اهو اجلاس ڪورونا کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز کي فالو ڪندي اوپن ايئر ڪيو ويو ان سي اي سي اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين پي ڊي ايم جيڪو فيصلو ڪيو هو ته سڀئي اسمبلي ميمبر پنهنجون پنهنجون استعيفائون پارٽي سربراهن کي جمع ڪرائين ان فيصلي جي تائيد ڪئي وئي آهي ان سان گڏو گڏ بلاول ڀٽو اجلاس کانپوءِ جيڪا بريفنگ ڏني ان ۾ چيو ته فيصلو ٿيو آهي۽ سي اي سي اجلاس ۾ به اهي تجويزون آيون آهن ته سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي ميدان خالي ناهي ڇڏڻو ۽ چيو ته سي اي سي اجلاس جون تجويزون پي ڊي ايم اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون پي ڊي ايم کي اسان به درخواست ڪندا سين ته سينيٽ اليڪشن ۾ ڀرپور انداز سان حصو وٺي ته جيئن حڪومت کي مشڪل ٽائيم ڏيئي سگهجي. پي پي جي ان فيصلي کاپوءِ مريم نواز جي حوالي سان به اجلاس ۾ ڪافي ڳالهيون ٿيون جڏهن مريم نواز کان پي پي جي فيصلي بابت سوال ڪيو ويو ته اها ان ڪافي محتات نظرآئي مريم نواز چيو آهي ته خواجه آصف کي اغوا ڪيو ويو آهي هن چيو ته خواجه آصف کي اغوا کان پهريان چيو ويو هو ته نواز شريف جو ساٿ چڏ نه ته تنهنجي جي خلاف ڪيس آهن ۽ اهي ڪيس کلندا جنهن تي خواجه آصف چيوهو ته منهنجي سڄي زندگي نواز شريف سان گذري آهي هاڻي آءُ نواز شريف سان غداري نٿو ڪري سگهان ان تي مريم نواز نيب خلاف چيو آهي ته نيب خواجه اصف کي وفاداري مٽائڻ لاءِ اغوا ڪيو آهي . آمدن کان وڌيڪ اثاثا ڪيس هڪ اهڙو ڪيس آهي جنهن ۾ ڪنهن کي به ڦاسائي سگهجي ٿو جيل موڪلي سگهجي ٿو بعد ۾ انويسٽيگيشن ٿيندي رهندي آهي. مريم نواز سپريم ڪورٽ جو حوالو به ڏنو هن چيو ته سپريم ڪورت چئي چڪي آهي ته نيب کي حڪومت سياسي انجنيئرنگ لاءِ هڪ ٽول طور استعمال ڪري رهي آهي نيب جي اهڙن قدمن جي ڪري اداري جي رهي سهي ساک به خراب ٿي رهي آهي هن وقت اها ڳاله کلي ظاهر ٿي چڪي آهي ته جيڪو احتساب ٿي رهيو آهي اهو احتساب نه پر انتقام آهي مريم نواز چيو آهي ته هو هاڻي حڪومت جي اهڙي قسم جي حرڪتن تي خاموش نه ويهندي هاڻي حڪومت جي اهڙن قدمن جي خلاف سخت فيصلا به ڪندا سين ان تي عمل به ڪرائينداسين ۽ عمران خان کي گهر موڪلن تي مجبور ڪندا سين. مريم نواز جي اهڙي اعلان کانپوءِ هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته هوءَ هاڻي ڪهڙو فيصلو ڪندي ليڪن هڪ اهم ڳالهه هي آهي ته مريم نواز چيو آهي ته مون کي خواجه اصف ٻڌايو هو ته هن سان نيب عملدارن رابطو ڪيو هو ۽ هن کي چيو هو ته نواز شريف جو ساٿ ڇڏي وڃ نه ته تو خلاف ڪيس کلندا اهي ڪير هوا ڪنهن موڪليا فلحال ته مريم نواز نالا نه ٻڌايا آهن ۽ چيو ته اها مون وٽ امانت آهي ليڪن وقت اچڻ تي اهي سارا چٺا کلندا. هن وقت حڪمرانن جي رويي مان اهو لڳي رهيو آهي ته انهن کي ڪا پرواه به نه آهي. سي اي سي جي اجلاس جي حوالي سان هي خبرون سامهون آيون آهن پيپلز پارٽي چيو آهي ته جيتري تائين نواز شريف ملڪ واپس اچي پي ڊي ايم کي ليڊ نه ڪندو ايتري تائين اسمبلين مان استيفائون نه ڏبيون ان بابت مريم نواز کان سوال ڪيو ويو ته هوءَ ڪاوڙ ۾ هجڻ باوجو صبر جو دامن نه ڇڏيو وڏي صبر ۽ تحمل سان جواب ڏنو هن چيو ته اسان ۽ توهان کي خبر آهي ته اهڙيون خبرون ڪير ڏيرائيندو آهي پيپلز پارٽي جو جڏهن آفيشل بيان آيو ته پوءِ آءُ ان سوال جو جواب ڏيندس . مريم نواز کي ڳڙهي خدا بخش ۾ بلاول طرفان وڏو پروٽوڪول ڏيڻ تي مريم نواز خوش خوش واپس آئي آهي ٿي سگهي ٿو هن ان ڪري پيپلز پارٽي جي بيان کان پوءِ ڪاوڙ ڪرڻ جي بجاءِ صبر ۽ تحمل سان پنهنجو موقف ٻڌايو هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مريم نواز خواجه آصف جي گرفتاري ۽ پيپلز پارٽي جي بيان کان پوءِ سخت فيصلو ڪهڙو ڪندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس جي يان بابت بلاول چيو ته سي اي سي اجلاس ۾ هر ميمبر کي ڳلهائڻ جي آزادي آهي جي ڪڏهن ڪنهن هڪ اڌ ميمبر اهڙو بيان ڏنو آهي ته اهو پارٽي جو فيصلو نه آهي ڪنهن هڪ ميمبر جي رائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته استعيفائن جو تاريخ وڌائي وئي آهي سينيٽ جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جون ڪافي تجويزون آيون آهن ۽ پارٽي ان تجويزن تي متفق آهي پارليامينٽ جي فورم تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ گهرجي مزاحمت ڪرڻ گهرجي ۽پوءِ حالات جي مطابق عدم اعتماد جي تحريڪ به آڻجي هن سليڪٽرز کي خبردار ڪيو آهي ته هو پوئتي هٽي وڃن سياست ۾ مداخلت نه ڪن ۽ جيڪڏهن سليڪٽرز جو سايو حڪومت مٿان هٽي وڃي ٿو ته ٻيو ڪير حڪومت ڪيرائي يا نه ڪيرائي انهن جا پنهنجا ماڻهون حڪومت ڪيرائيندا. موجوده حالات ۾ هڪ سياسي پارٽين کي جنهن سياسي انداز ۾ قدم کڻڻ گهرجن اڃان تائين ته بلاول بچ بچاءَ واري سياست ڪري رهيو آهي شيخ رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ ن به پيپلز پارٽي سان گڏ آهي ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن مسلم ليگ به ميدان خالي ڇڏي ٿي مولانا فضل رحمان جي زد جي ڪري ته پي ڊي ايم کي هٿ ڪجهه به نه ايندو.اهڙي صورتحال ۾ مسلم ليگ تي لازم آهي ته پارليامينٽ جو ميدان خالي نه ڇڏين. جيئن مڇي جو تلاءَ کان ٻاهر رهڻ نا ممڪن آهي ايئن سياستدانن لاءِ پارليامينت کان ٻاهر رهڻ خطرناڪ آهي.سينيٽ اليڪشن هڪ ٽيسٽ ٽاسڪ آهي اگر پي ڊي ايم گڏ ٿي ته حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيئي سگهي ٿي. سينيٽ اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان تحريڪ انصاف جو ٿيندو ڇاڪان ته موجوده حڪومت ڊليور نه ڪري سگهي آهي هاڻي سڄي راند ان ڳالهه تي بيٺي آهي ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ تي تمام گهڻو پريشر آهي تاريخ ۾ ايترو پريشر ڪڏهن به نه آيو آهي مشرف دور ۾ به اسٽيبلسمينت تي پريشر هو ايتري قدر جو فوجي وردي پائي مارڪيٽ نه و ڃي سگهندا هئا ۽ هاڻي صورتحال ان کان به وڌيڪ خراب آهي اهڙي صويرتحال ۾ جيڪڏهن فوج اڃان وڌيڪ حڪومت جي طرفداري ڪندي ته پنهنجو نقصان ڪندي . هاڻي جيڪا صورتحال ٺهي رهي آهي ٿي سگهي ٿو سينيت اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي بدترين شڪست ملي ۽ پي ڊي ايم پنجاب اسيمبلي کانپوء قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد رٿ آڻڻ کانپوءِ آئين جي مطابق حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي . بلاول جي بيان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پي پي کي سليڪٽرز جي لائين ملي آهي اڳتي هلي گارنٽي به ملي سگهي ٿي ته هن طريقيڪار کي فالو ڪيو آئين ۽ پارليامينٽ جي مطابق اوهان پنهنجا پتا کيڏو ٿورو صبر ڪريو جلد بازي نه ڪيو ۽ نتيجا اوهان جي مرضي مطابق اچي سگهن ٿا عدم اعتماد جي رٿ کانپوءِ حالات اهڙا ٿي سگهن ٿا ته اپوزيشن حڪومت به ٺاهي سگهي ٿي ۽ ٻيهر اليڪشن به ٿي سگهي ٿي پي ڊي ايم کي اسٽريٽ پاور جي بجاء پارليامينٽ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪووڊ19 جي ڪري اسٽريٽ پاور ايترو اثر نه ڏيکاريندو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پي ڊي ايم لاهور واري سربراهي اجلاس ۾ ڪهڙا فيصلا ڪري ٿي.










