مولانا جي ڳڙهي خدا بخش جلسي ۾ شرڪت  کان معذرت

مولانا جي ڳڙهي خدا بخش جلسي ۾ شرڪت کان معذرت

لاڙڪاڻو (ن سنڌيار) مولانا فضل الرحمان ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي فون جي باوجود مولانا فصل الرحمان لاڙڪاڻي اچڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻ سربراهه جي يو آءِ(ف) ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو.جمعيت علماءِ اسلام جي سينئر اڳواڻ مولانا راشد محمود فضل الرحمان  جي ڳڙهي خدا بخش جلسي ۾ شرڪت کان معذرت جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته جي يو آءِ سربراهه جي جڳهه پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو 5 رڪني وفد جلسي ۾ شرڪت ڪندو. جنهن ۾ جي يو آءِ(ف) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدي،  سراج احمد خان امروٽي،  عبدالرزاق عابد لاکو، سعود افضل هاليجوي ۽ مولانا عبدالله مهر شامل هوندا.ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مريم نواز کي پنهنجي امڙ بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڳڙهي خدا بخش اچڻ جي دعوت ڏني هئي. مريم نواز جي قيادت ۾ مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ ترين قيادت 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي ورسي جي اجتماع ۾ شرڪت ڪندي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان معذرت ڪري ڇڏي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو