چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا مان صحتياب

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪرونا ٽيسٽ منفي آيو آهي تازو ئي بلاول ڀُٽو زرداري کي ڪورونا وائرس هجڻ  جي تصديق ڪئي وئي هئي  جنهن کانپوءِ هو گهر جي هڪ خاص حصي ۾ قرنطينه ۾ هو. هاڻ بلاول ڀٽي زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ منفي آئي آهي ۽ انهي جي تصديق سنڌ جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪئي آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ  ٽوئيٽر تي  ناصر حسين شاهه چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا رپورٽ منفي آئي آهي.ياد رهي ته 27 نومبر تي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڀيڻ بختاور جي منگوري ۾ پڻ وڊيو لنڪ ذريعي حصو ورتو هو.  ياد رکڻ گهرجي ته تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير مراد شاھ به ڪورونا  وائرس کي شڪست ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو