شهناز انصاري ڪيس ٻڌڻي ملتوي جوابدار نه ٿا چاهين ڪيس هلي،ڌيءَ

نوشھرو فيروز  (رپورٽ منظور ملڪ)پ پ جي شھيد ٿيل ايم پي اي شھناز انصاري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي نوشهروفيروز جي دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي جوابدار ڌر جي وڪيلن جي غيرموجودگي سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي  12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد شھناز انصاري جي ڌي ڊاڪٽر فاطمه انصاري چيو ته جوابدار ڌر  نٿي چاھي ته  ڪيس ھلي ، ان لاء ھر حاضري تي مختلف بھانا ڪري ڪيس کي ھلڻ نٿو ڏنو وڃي  اسان جي ماءُ کي اسان جي سامھون بي درديءَ سان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو پنھنجي ماءُ جي قاتلن کي ھر صورت ۾ سزائون ڏياري رھندس  قاتل پاڻ کي ڪيترو به  طاقتور ڇو نه سمجھن پر قانون اڳيان انھن جي ڪا به حيثيت ناھي عدالتن تي مڪمل اعتماد آهي  انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ جيتريون به تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون منھن ڏيندس پر پنھنجي شھيد ماءُ جي قاتلن کي ڪنھن به صورت معاف نه ڪندس  اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون پيون ڏنيون وڃن  ڪيترائي ڀيرا پوليس کي آگاھ ڪيو آهي پر پوليس انھن خلاف ڪو نه اثرائتو قدم ناھي کنيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو