ثقافتي ڏينهن سنڌ ۾ شعور جي نئين ارتقا

تحريراعجازتيوڻو

هر سال جيان ھن سال پڻ سنڌ سميت پوري دنيا ۾ رھندڙ سنڌي پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 6 ڊسمبر جي ڏينهن کي ثقافتي عيد طور ملھائيندا سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملهائڻ جي شروعات ڪجھ سال پهريان سنڌ جي ثقافت تي ٿيل چٿر کانپوءِ سنڌي ميڊيا،سنڌ حڪومت ۽ عوام پاران  وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان قائم شاهوڪار ثقافت کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي سنڌ جي شاهوڪار ثقافت جا اهڃاڻ سنڌو درياھه جي قديم تهذيب موهن جو دڙو مان پڻ مليا آھن جنھن ڏينھن کان سنڌ جي ثقافت جو ڏھاڙو ملھائڻ جي حوالي سان اعلان ٿيوآهي ان کانپوءِ سڄي سنڌ جي سنڌين سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ مچ ڪچھريون ۽ ثقافتي پروگرام ڪري رهيا آهن هن سال ثقافتي ڏهاڙو سنڌ منهنجي جند ۽ سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ جدوجهد جو عزم طور ملهايو پيو وڃي سنڌ جي مڙني ننڍن وڏن شهرن سان گڏ ڳوٺن ۾پڻ ثقافتي پروگرام ۽ مچ ڪچھريون منعقد ٿي رهيون آهن جن ۾ باشعور ماڻهو ، عوام کي پنهنجي ثقافت سان گڏ پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۽ سنڌي جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ بابت پڻ شعور اجاگر ڪري رهيا آهن اسان جو ايمان آهي ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سالن کان زندھ آهي ۽ قيامت تائين رھڻي آهي ڇاڪاڻ ته ھر قوم پنهنجي علائقي، ٻولي ۽ ثقافت سان پيار ڪري ٿي سنڌي قوم پڻ دنيا جي ٻين زنده قومن وانگر پنهنجي شناخت ۽ ثقافت کي قائم رکڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد جاري رکندي سنڌي صدين کان ھڪ پرامن ۽ رواداري واري قوم آهي سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي ماڻهن کي پنهنجي ٻولي ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي سنڌ جي ثقافت جا رنگ نرالا آهن جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت ختم ڪري نٿي سگهي سنڌ تي ھزارين حملا ٿيا پر نه سنڌي ٻولي , نه سنڌي ثقافت کي ختم ڪري سگهيا ڇو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي سان  محبت ڪري ٿي. سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي اعلان کان پوءِ ماڻھن ۾ سنڌي ٽوپي اجرڪ پائڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ مچ ڪچھرين لاءِ اوطاقون آھستي آھستي آباد ٿيڻ شروع ٿيون هن وقت سنڌ جي هر علائقي ۾ اھا رات خالي نه هوندي جو ڪنهن اوطاق تي مچ ڪچھري نه ٿيندي ھجي جڏهن ته تڏي تي آيل ماڻهن جي ڀرپور آجيان ۽ مهمان نوازي اسان جو شان آهي سنڌ جي ثقافت جو هڪ ڏهاڙو ملهائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي فوٽو رکڻ صرف مقصد نه هجڻ گهرجي پر اسان سڀني کي پنهنجي گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سان گڏوگڏ  ثقافتي شين جو استعمال ڪرڻ گهرجي ٻارن کي جديد تعليم سان گڏ سنڌي ٻولي پڙهڻ ، لکڻ سان گڏ صحيح لهجي ۾ ڳالهائڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي ۽ حڪومت زور ڀرڻ گهرجي ته هو سنڌ جي حدن ۽ وسيلن جي مالڪي بهتر انداز ۾ ڪري ته جئين ٻولي سان گڏ اسان جا وسيلا پڻ سنڌ جي عوام تي استعمال ٿي سگهن انهي لاءِ اسان سڀني سنڌين کي گهرجي ته سياسي ۽ مذهبي اختلافن کان هٽي ڪري پنهنجي قوم ۽ سهڻي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪم ڪيون. اسان لاءِ سنڌ وطن آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو