ايڪتا ڏينهن جي باني علي قاضي کي پٽڪو پارايو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ايڪتا ڏينهن جي باني علي قاضي کي پڳ ٻڌرائي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرست اعليٰ محمد عثمان منگي ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي آفيس پهچي نامياري صحافي ۽ ايڪتا ڏينهن جي باني علي قاضي کي پٽڪو پارايو ۽ کيس ثقافتي تحفا پيش ڪيا، کيس شيلڊ به ڏني وئي، ان موقعي تي ٽائيم نيوز جو ڊائريڪٽر نيوز اشفاق آذر، ڊائريڪٽر انٽرٽيمينٽ نورجوکيو، حيدرآباد جو بيورو چيف فيض کوسو، سنڌ يونيورسٽي جو ايڊيشنل رجسٽرار مجيد پنهور ۽ ٻيا موجود هئا، ان موقعي تي محمد عثمان منگي چيو ته سينيئر صحافي علي قاضي سنڌ جو هيرو آهي، هن ايڪتا جو سڏ ڏئي جتي سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪيو،  اتي  هن سنڌ جي ماڻهن کي به هڪ لڙي ۾ پروئي ڇڏيو آهي، سندس انهي تاريخي عمل تي سنڌواسي فخر ڪن ٿا ، هن سٿ جي ٻين ساٿين کي به اجرڪن جا تحفا ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو