مولانا خلاف ڪرپشن جا ثبوت ڏيڻ لاءِ 2 ڄڻن کي نوٽيس

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف آمدني کان  وڌيڪ اثاثن واري معاملي ۽ مبينا ڪرپشن جي جاچ ۾ نيب تيزي آڻي ڇڏي. نيب خيبرپختونخوا ٻن ڄڻن کي طلب ڪري ورتو آهي. نيب موجب گل اصغر ۽ نور اصغر کي 10 ڊسمبر تي نيب پشاور جي آفيس سڏايو ويو آهي. نيب دعويٰ ڪئي آهي ته انڪوائري دوران انڪشاف ٿيو ته ڄاڻايل ٻنهي ڄڻن وٽ مولانا جي ڪرپشن جا اهم ثبوت آهن، پيش نه ٿيا ته قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، گل اصغر ۽ نور اصغر جو واسطو ڊيرا اسماعيل سان آهي.کين اڳ ۾ به طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو