ٿر واسين جي اهنجن کان لاتعلق بڻيل حڪمران

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

اونهاري جي موسم اچي ٿي ته شديد گرمي ۽ سياري جي مند هجي ٿي ته سخت سيءَ جي لهر سبب ٿر اندر ماروئڙن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل نظر اچن ٿيون هر هنڌ کان روڄ ۽ راڙو ٻڌو ٿو وڃي روزاني جي بنياد تي مختلف علائقن مان معصومن جا جنازا ٿا کڄن ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون ۽ پيئرن جا ڪلها خالي ٿيڻ جون سلسلو گرمي هجي يا سردي گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيو آهي. روزانو جي بنياد تي ايندڙ رپورٽن موجب ٿر جي مڙني علائقن مٺي، اسلام ڪوٽ ڇاڇرو ڏاهلي ۽ عمرڪوٽ جي ٻهراڙي جا علائقا ڏينهون ڏينهن اهڙن واقعن جي لپيٽ ۾ ايندا وڃن ٿا. هڪڙي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته وفاقي حڪومت يا صوبائي حڪومت طرفان ٿر واسين لاءِ ٻيا ته کوڙا سارا ماکين ۽ مکڻن جا واهه وهايا آهن جن مان هو لاڀ حاصل ڪن ٿا ۽ سندن سک واري زندگي هر اک اڳيان گواهه آهي پر اونهاري جي موسم جتي اِهو ٿر جو ريت ۽ وارياسو کليل علائقو شديد گرمي يا سردي ۾ پنهنجا شعلا ڏيکاريندي ٿر واسين کان اُنهي گرمي سبب جيئڻ جو حق ته کسي ٿو ۽ يقينن مختلف وقتن تي انهي ٿرين جي قسمت ۾ وڏيون مصيبتون به ايندي مون پنهنجن اکين سان به گواهي طور ڏٺيون آهن، اڄ کان ڪجهه سال پهريان انهي شديد گرمي دوران جڏهن ٿر اندر وڏي ڪهوت آيل هُئي، مون کي به مٺي ڀرسان هڪ ٻهراڙي جي ڳوٺ ڪاريهار ۾ شادي جي دعوت ۾ وڃڻو پيو هُيو، پهچڻ کانپوءِ يقينن انهن ٿر واسين جو ڏنل آجياڻي وارو پيار، قرب ۽ خلوص مون سميت منظور احمد ڀرٽ ۽ ڪامريڊ نواب خان ٻگهيو ته ڪڏهن به ڪونه وساري سگهنداسون پر اسان پنهنجين اکين سان اُهو به ڏٺو ته جڏهن انهي شديد گرمي ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ماڻهو پيئڻ جو صاف پاڻي کوهن مان نڪرندڙ وارياسو ۽ بدبودار پاڻي واپرائي رهيا هُئا ۽ ايتري قدر جو انهي شادي واري ڪاڄ ۾ اسان کي به اُهو ساڳيو پاڻي واپرائڻو پيو، ٿر واسي خبر ناهي ته اِهڙي زندگي گذارڻ دوران به پنهنجن پنهنجن علائقن کان مطمئن رهن ٿا ۽ اڪثر ڪري جڏهن اُهي ٿر جي مختلف علائقن مان ايندڙ ماروئڙا اسان وٽ ڪيسن جي سلسلي ۾ به اچن ٿا ته انهن جي ميرن ڪپڙن مان اها ڳالهه پڌري هوندي آهي پر ان هوندي به هو اهڙين ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا. منهنجي تازو ڇاڇرو جي هڪ ڳوٺ رَتن جو تڙ جي رهواسي سان ڪچهري ٿي، هن ٻڌايو ته هن حال ۾ به اسين ٿرواسي خوشحال زندگي گذاري رهيا آهيون، ڇو ته اسان کي خبر آهي ته اسان جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا ته اسان کان وڌيڪ بدتر زندگي گذاري ويا آهن پر اسين اڄڪلهه به شڪر ڪريون ٿا، جنهن حال ۾ آهيون، خوش آهيون، هن ٻڍڙي جو چوڻ هو ته ٿر واسي حڪومتن کان ڪجهه به ڪونه ٿا گهرن، جيڪڏهن اسان وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي وڃي ته اسين ٿر واسين لاءِ هن شهري زندگي کان به ٿر جي رهائش گهڻي بهتر آهي ڇو ته پاڻي انسان جو جياپو آهي، اڄ ٿر اندر جيڪا ڏکي گهڙي آهي سا صرف انسان جي جياپي لاءِ صاف پاڻي نه هجڻ جو سبب آهي. هن ٻڍڙي اکين مان لڙڪ لاڙيندي وڌيڪ چيو ته خبر ناهي اسان جو ايندڙ نسل ڪيئن زندگي گذاريندو، ڇوته گذريل مسلسل هيترن سالن کان ٿر ايندڙ اهڙي ڏکي حالت هجڻ کانپوءِ حڪومتن طرفان رڳو ڳالهيون ٻڌائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي. مجموعي طور ڏسجي ته هن سردي جي شروعات ٿيندي ئي روزانو ٿر جي هيلٿ سينٽرن مان ڪيترن ئي معصومن جون زندگيون داءُ تي لڳي رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته ٻارن جي موت جو ڪارڻ غذائي کوٽ ۽ سيءَ جي شديد لهر به آهي، هتي هڪڙي ٻي ڳالهه جي وضاحت به ضروري آهي ته سرڪاري سينٽرن مان اهڙين فوتگين جي تعداد جي ته خبر ٻڌي سگهجي ٿي پر ٿر جا اڪثر اُهي ٻهراڙي جا علائقا جتي اڄ سوڌو نه ڪو روڊ رستو يا نه وري ڪا ٻي اهڙي سهولت هجي ٿي پر خبر ناهي اِهڙن پٺتي پيل علائقن مان انهن معصومن جي فوتگين جو تعداد ڇو ايترو وڌي رهيو آهي، هي ته يقينن اُهي ڪيس آهن جيڪي سرڪاري هيلٿ سينٽرن تائين معصومن کي پهچائجي ٿو پر اُتي به سهولتون اڻ لڀ هجڻ کانپوءِ اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعا پيش اچن ٿا. ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊڪوارٽر مٺي سول اسپتال کان وٺي مختلف علائقن ۾ قائم هيلٿ سينٽرن جو حال به افسوسناڪ ٻڌايو ٿو وڃي، ڪٿي اسٽاف جي کوٽ آهي ته وري ڪٿي دوائون اڻ لڀ آهن يعني چوڻي مطابق ته هيڏي وڏي خدا جي آبادي ٿر اندر ڪڏهن اُهي ماروئڙا ڪا سکي زندگي گذاريندا؟ ٿر جي تعلقي ڏاهلي جيڪو ڇاڇرو جو پراڻو حصو ۽ هيڊڪواٽر پڻ آهي جتي ٻن علائقن کيمي جو پار ۽ کيسن ۾ رڳو ٻه هيلٿ سينٽر آهن جيڪي سينٽر به گهٽ ۾ گهٽ 100 کان مٿي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قائم آهن، يعني پوري تعلقي ڏاهلي جي اها صورتحال آهي جو اُتي اهڙي ڏکي صورتحال کانپوءِ به هڪ سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي رڳو ٻه هيلٿ سينٽر آهن، جتي به سهولتون توڙي جو اسٽاف جي کوٽ يا وري ترت علاج جون دوائون به اڻ لڀ آهن جن بابت به ڳوٺاڻا شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن پر حڪومت ڪو قدم ناهي کنيو. ٿر اندر غذائي کوٽ، مائرن جي ڪمزوري يا وري صاف پاڻي نه هجڻ جهڙا مسئلا ته ضرور درپيش آهن ڀلي اُها وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ حڪومت هجي، انهن کي ٿر جو ڪو فڪر ناهي، گذريل تيرهن سالن کان سنڌ ۾ ته هڪڙي ئي جماعت حڪومت جون واڳون سنڀالي ويٺي آهي، سوال اِهو پيدا ٿئي ٿو ته مختلف وقتن تي جڏهن حڪمرانن طرفان ٿر جي مختلف علائقن جا دورا به ڪيا ويا، حالانڪه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ٿر واسين جي اصلوڪي رهائش تائين به وڃي پهتو، وزيراعظم پاڪستان عمران خان به ٿر واسين لاءِ وڏا وڏا اعلان ڪيا، پر ٿر واسين جا درد سور اڄ به ساڳيا آهن. چيو پيو وڃي ته ٿر واسي صرف اونهاري ۾ جڏهن سانوڻي جي برسات ٿئي ٿي ۽ ان کانپوءِ جيڪي ڀاڄيون جهڙوڪ گنوار، چڀڙ ۽ ڪٿي ڪٿي ڪدو وغيره ٿين ٿا، سي ٻن کان ٽن مهينن تائين اُهي ٿري ماڻهو سندن گذارو ڪن ٿا، باقي سال جي ڏهن مهينن تائين ٿر واسي اُهي ڀاڄيون زمين مان وڍي سڪائين ٿا يعنيٰ گنوار ۽ ڇپڙ ٿر جا ماروئڙا جيئن ئي سايون ڀاڄيون پوريون ٿيندي نظر اينديون آهن سي اڳواٽ ئي بندوبست ڪري ٿا ڇڏين ۽ سندن انهن ماروئڙن جو گذارو به انهي سُڪل ڀاڄين تي ٿئي ٿو، اِهو به چيو پيو وڃي ته هفتن جا هفتا اهڙا به علائقا آهن جتي ڪي ڀاڄيون پچن به ڪونه ٿيون پوءِ انهن جو گذرسفر ڳئون جي کير يا لسي جي لپ تي ٿئي ٿو، اُتي به اڪثر طور هڪ ڳئون جو کير 8 کان 10 گهرن تائين ڇا رسائي ٿيندي هوندي، ٿر واسين لاءِ قدرت جو فروٽ يعني، صوف نارنگيون ڪيلا ۽ موسمي انب وغيره ته خواب بڻيل آهن، سڄي سال جي رمضان مهيني ۾ ڪو فروٽ جو منهن ڏسون ٿا باقي 11 مهينا اسان وٽ ڪو فروٽ وغيره وٺڻ لاءِ معاشي سگهه ئي ڪونه اٿن جو ٻچن کي ڪو فروٽ کارائي سگهن.  جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿي ٿو پوي يا ڪو پيرسن ڪمزوري سبب اسپتال ڀيڙو ٿئي ٿو ته ان لاءِ به فروٽ کائڻ سندن دوا برابر هوندو آهي پر اڄ اِها به افسوسناڪ صورتحال ٿر واسين سان درپيش آهي جو اڄ هيڏي جديد دؤر ۾ به ٿر واسي جتي دنيا عيش ۽ عشرت واري زندگي آهي، اُتي ٿر واسي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هي سڄي صورتحال اڄ جي حڪومتن جي ڄاڻ ۾ هجڻ کانپوءِ به خبر ناهي ته انهن ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي سار ۽ سنڀار نٿي لڌي وڃي، اڄ جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت توڙي جو اُتان جي چونڊيل نمائندن لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي پر خبر ناهي ته انهن ٿر واسي ماروئڙن جا اِهي سور، درد ۽ تڪليفون ڪيستائين قسمت جو حصو ٿي رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو