مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال آهي،نثار کهڙو

مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال آهي،نثار کهڙو

پنوعاقل (ن سنڌ يار) ناڪام حڪومت کي بگڙيل ڪمن جو آئينو ڏيکاريون پيا ته اسان تي چڙي ٿي عوام کي مھانگائي نوجوانن کي بيروزگاري مزدورن ۽ آبادگارن کي بک ڏيئي چؤطرف عوام جو گھيرو تنگ ڪيو ويو آھي.اھڙو اظھار پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو ھتي اڳوڻي ضلعي چيئرمين سکر سردار تقي خان ڌاريجو جي رھائشگاهه تي پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول، گيس ۽ بجلي مھانگي ڪري عوام کان ھاڻي احتجاج ڪرڻ جو حق به کسيو پيو وڃي روڊن تي آيل عوام کي زبردستي ناھي آندو ويو پنھنجن حقن لاءِ نڪتل عوام کي ھاڻي ڪير به روڪي نٿو سگھي.ھن چيو ته حڪومت ڊي سيز جي معرفت اجازت ناما رد ڪري ملڪ ۾ سياسي سرگرميون بند ڪرڻ چاھي ٿي جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آھي ملڪي ادارن خصوصن اعليٰ عدالتن کي اپيل ڪيان ٿو ته حڪومتي قدمن جو نوٽيس وٺي صوبائي صدر چيو ته ڪورونا باوجود عوام جو روڊن تي اچڻ مطلب عوام انتہائي مجبور ٿيو آھي ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي حقن لاءِ نڪتو آھي، ڪي پي ڪي ۾ جماعت اسلامي جي جلسي کي نہ روڪيو ويو، گجرانوالا ۾ فردوس عاشق جي استقبال سميت پنھنجن پروگرامن کي حڪومت اجازت ڏي پئي پر پي ڊي ايم جا جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي جتي به روڪيو ويو اتي ڌرڻو ھڻي ويھي رھنداسين ڪيترا ماڻھو گرفتار ڪيا ويندا اسان گرفتاريون ڏيڻ لاءِ تيار آھيون حڪومت اسٽيل مل ملازمن کي نيڪالي ڏئي سنڌ ۾ بيروزگاري وڌائي رھي آھي ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي مان به ملازم به فارغ ڪيا ويا.نثار کھڙو چيو ته ملڪ ۾ عوام کي بيروزگار ڪرڻ جو مطلب کين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ برابر آھي جنھن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو