هاءِ ڪورٽ پاران ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 10 هزار ليڪچرارز کي ٽائيم اسڪيل نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 10 ڏينهن ۾ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اي جي سنڌ طرفان مهلت گهرڻ تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان مونجهارا پيدا ڪرڻ گهرو ٿا ته نتيجن لاءِ به تيار رهو، ماڻهو سال کان ڌڪا کائي رهيا آهن، توهان کي ٿورو به احساس نه آهي، عدالت جو حڪم وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ هو، توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ تيار رهو. ڇا توهان چاهيو ٿا ته وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس اُماڻيون؟

پهنجو تبصرو موڪليو