سنڌ ۾ 17فوت، اسڪولن بابت ڪو فيصلو ناهي ٿيو، وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 21 نومبر تي وڌيڪ 1199ڪورونا جا نوان ڪيس ظاهر،17مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته اڄ ڪورونا جا وڌيڪ382مريض صحتياب ٿي ويا، 13هزار886 مريض علاج هيٺ آهن، سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 2هزار 816 ٿي ويو آهي، 477ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 62 مري وينٽي ليٽرز تي آهن. هوڏانهن تعليم واري وزير چيو آهي ته اسڪول بند نه ڪرڻ بابت هلندڙ خبرون ٺيڪ ناهن، حالتن موجب فيصلو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو