رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي رينجرز هٿان گرفتاري بعد آزاد

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جو  چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي رينجرز هٿان گرفتار ٿي ويا، ٻنهي کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي. 5 ڪلاڪ کين حراست م رکڻ بعد آزاد ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هٿيارن جا سندن وٽ لائسنس موجود هئا ۽ کين هيسائڻ لاءِ حراست ۾ ورتو ويو اسين اهڙين ڪارواين جي مذمت ڪريون ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ٻنهي اڳواڻن کي کنڀي ويا، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي کي قاسم چوڪ وٽان گرفتار ڪيو ويو، ذريعن موجب حيدرآباد جي قاسم آباد چوڪ وٽ رينجرز ڪارروائي ڪري رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي کي گرفتار ڪيو، ان سلسلي ۾ رينجرز جو چوڻ آهي ته قاسم چوڪ وٽ گاڏي جي جهڙتي دوران هٿيار هٿ آيا، جنهن تي ٻنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو