ڪورونا جي ڦهلاءَ ۾ گهٽتائي نه آئي،42 وڌيڪ فوت

اسلام آباد(الله وسايو گهوٽو)ڪورونا ملڪ ۾ چئن مهينن کانپوء  گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوت ۽ ڪيس  رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 42هزار 752 ڪورونا  جا ڪيس ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن8 2 هزار 843 ماڻهون ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته 42 وڌيڪ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيا آهن.اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا ٽيسٽ جي شرح 6.6 سيڪڙو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ فوتين جو تعداد 4 مهينن کانپوء هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ آهن جڏهن ته رپورٽ ٿيل ڪيس 4 مهينن کانپوء  هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. ان کان پهريان 9 جولاءِ تي ملڪ ۾ ڪورونا جا 3هزار360 ڪيس هئا ۽ 17 جولاءِ تي 49 فوتين جو انگ هو. سرڪاري پورٽل مطابق  پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد 7هزار 603 تي پهچي چڪو آهي جڏهن ته ڪيسن جو ڪل انگ 3لک71هزار 508 تائين پهچي چڪو آهي.ان کانسواءِ ، سڄي ملڪ ۾ 1هزار 389 مريض 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن. سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک61هزار028 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 2هزار799  ڪوروناسبب  فوت ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل انگ 1لک 13هزار 457 آهي ۽ 2هزار 826 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 16هزار 699 آهي ۽ فوتين جو تعداد 158 آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 43هزار 730 ۽ 1هزار323 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 5هزار911 ماڻهو ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيا  آهن۽ 134 ماڻهوڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار 506 ۽ 93 مريض وائرس سبب فرت ٿي چڪا آهن. وفاقي گادي اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 26هزار177 آهي ۽ هن وقت تائين 270 مريض  وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو