عبدالغفار تبسم جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان

تحرير ابراهيم لاشاري وارهه
سهڻي سنڌ ۾ شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي 20 نومبر اڱاري ڏينهن 1951ع ڌاري اڄ کان 69 اڻھتر سال اڳ وادي مهراڻ جي سياسي سماجي ثقافتي ادبي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو جي نيڪ مرد محترم قادربخش ڀٽي جي گهر هڪ ذهين  نماڻي ۽ حساس طبعت جي ٻار  عبدالغفار ڀٽي تبسم  روئڻ بدران مرڪندي مرڪندي پنهنجي مٺڙي امڙ جي گود ۾ جنم ورتو . گهر خوشين سان معطر بڻجي ويو والدين کي اها پروڙ نه هئي ته  اڳتي هلي اسان جو مرڪندڙ اکين جو ٺار پٽ  شاعر بڻجي پنهنجو پنهنجي والدين جو نالو تبسم عبدالغفار سان ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائيندو  جڏهن هي ذهين ٻار درس و تدريس حاصل ڪرڻ جي عمر لائق بڻيو ته سندس کي نصابي تعليم پرائڻ وا سطي  نئين ديري اسڪول منجهه داخل ڪرايو ويو  ڪجهه عرصو ان اسڪول منجهان پڙهي پوءِ ڳڙهي ياسين منجهان پرائمري جي تعليم پرايائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سال 1966ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول نئو ن ديرو منجهان پاس ڪيائين تنهن بعد عبدالغفار تبسم گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي آرٽس ايند ڪامرس ڪاليجن مان  سال 1972ع ۾ سند حاصل ڪئي .عبدالغفار تبسم سال 1974ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ جو شوق جاڳس هن سنڌ يونيورسٽي جي شعبي آءِ .آر انٽرنيشنل رليشنس بين القوامي تعلقات واري شعبي منجهه ٻيون نمبر  حاصل ڪري ڊگري پنهنجي نالي ڪيائين ، سنڌ جو هي نماڻي طبعت جو شاعر سال 1964ع ڌاري پنهنجي من جو آواز شعر جي صورت ۾ پيش ڪري ادبي دنيا ۾ پير پاتائين  عبدالغفار تبسم ڏات واري ڏيهه منجهه پهريان  ناول  لکڻ لاءِ قلم جي مس سان ڀرپور لکڻي لکي پاڻ وٽ محفوظ ڪيائين پوِءِ سال 1966ع ڌاري کان پوءِ شاعري ڪندي ڪندي وادي مهراڻ جي ڳوٺ وستي  واهڻ  شهر  جهر جنهگ شاعري کي ايتري ته پذيرائي ملي جو ادبي حلقن ۾ واهه تبسم واه جي لفظن جو هر طرف کان داد پئي حاصل ڪيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين تسلسل قائم ۽ دائم پڻ آهي .عبدالغفار تبسم صاحب پنهنجي من جو اظهار شاعري واري زبان ۾ ڪهڙي  ته لاجواب نموني ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو ته
ويندي ويندي گلاب ڏيندي وئي
سوچ جو نئون سراب ڏيندي وئي
هن نهاري چيڪو مٿئين چپ کي
بيٺلن کي حساب ڏيندي وئي ،
ڪوري ململ تي ڇيپ اجرڪ جي
خالي نيڻن ۾ خواب ڏيندي وئي ،
ميلي ۾ بيٺو هو ته تبسم کي
ڪو ڪهاڻي ڪتاب ڏيندي وئي .
سنڌ جي هن ڏاهي شاعر سال 1972ع ڌاري سرڪاري ملازمت سان سلهاڙجي درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپو رکي استاد بڻجي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو ،تنهن بعد تبسم صاحب صحت کاتي جي شعبي فيملي پلاننگ بهبودي آبادي منجهه سال 1973ع ڌاري  فيملي پلاننگ آفيسر واري عهدي تي ڪم ڪندو رهيو ، مڱر جلدي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ڪلرڪ طور نوڪري ڪيائين ان نوڪري کي به ڪجهه عرصي بعد الواع چئي ، سال 1975ع ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز منجهه آفيسر واري اهم منصب تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو هن حساس طبعت جي شاعرانه صفت انسان کي مارشلا وارو  دوري حڪومت  سال 1981ع وارو سال سندس لاءِ سٺو ثابت نه ٿيو جڏهن ته   پي آءِ اي واري اهم منصب تان حڪومت  سندس جي نوڪري ختم ڪري گهر موڪلي ڇڏيو  مڱر سونهاري سنڌ جي هن ذهين بهترين شاعر اديب همٿ نه هاري زندگي جي گاڏي هلائڻ لاءِ هي ٺيڪداري واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو سال 1983ع ڌاري سياست سان وابستگي واري جذبي تحت عام خلق جي خدمت ۾ يقين رکندي نئون ديرو جي عوام سندس کي ميونسپل ڪاميٽي جو چئرمين چونڊيو جتي هن پنهنجي شفيق ۽ نماڻي  طبعت سان سال 1987ع تائين نئون ديروواسين جي محنت ايمانداري سچائي سان خدمت ڪندي نظر آيو نيٺ سال 1990ع ڌاري حڪومت سندس جي نوڪري واري عهدي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪندي پي آءِ  اي ۾ ڪارگو آفيس ڪراچي منجهه ڪارگو سيلز پروموشن آفيسر جي عهدي تي مقرر ڪيو  ، محبت ۽ مرڪون ابدي طور رلندڙ سنڌ ڌرتي جو هي عوامي شاعر  عبدالغفار تبسم صاحب پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي سان هڪجيتري مقبوليت رکندڙ هي پهريو شاعر پڻ آهي سندس شاعري جي هر صنف جهڙوڪ گيت غزل  بيت وايون  نظم آزاد نظم  ڪافيون وغيره طبع آزمائي ٿيل آهي پاڻ نظم  جو لاجواب شاعر طور  وڏي مقبوليت ماڻي آهي سندس شاعري ۾ هر موضوع جهڙوڪ محبتون  درد  سور  سوز  جدائي وڇوڙو  سڪ  اڪير  رسڻ پرچڻ  ميارون  ميلاپ  اوسيئرو  تي دل کولي شعر چيا اٿين  سندس شاعري کي سنڌ جي سر سنگيت جي هر فنڪار پنهنجي آواز جي جادو سان ڳائي مشهوري ماڻي آهي  تبسم صاحب شاعري واري پهلو کي سونهاري سنڌ جو سگهارو اديب ۽ شاعر محترم امداد حسيني پنهنجي زباني سهڻ لفظن جي ڀيٽا ڏئي چوي ٿو ته تبسم صاحب بنيادي طور رومانوي شاعر آهي . اهو هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو آفاقي به آهي ته لازوال به اهڙي طرح عبدالغفار تبسم جي شاعرانه صفت کي سنڌ جو ٻاراڻي ادب جو ڏاهو بهترين شاعر محترم ادل سومرو صاحب بيان ڪندي چوي ٿو ته تبسم صاحب پيار جو شاعر آهي ، هن جي سموري شاعري جو موضوع عاشقاڻو آهي هن جي ٻولي بنهه وڻندڙ ۽ سولي آهي هو وڌيڪ چوي ٿو ته سندس جي شاعري ۾ رومانيت جي سبب جي ڪري شاعري نوجوان طبقي ۾ بي حد مقبول آهي . ڌرتي سان محبت رکندڙ هي پيارو شاعر ننڍي وهي کان وٺي سياسي ، ادبي ، سماجي ، ثقافتي محفلن گڏجاڻين ۾ نهايت دلچسپي سان شرڪت ڪندو نظر آيو آهي پاڻ هميشه علمي ادبي راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيندو رهيو آهي سال 1981ع کان 1982ع ٻن سالن جي عرصي ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرام  سنڌ سينگار جي ڪمپئرنگ ۽ ميزباني ڪندي پنهنجي ڏات سان پروگرام کي سونهن بخشيندو رهيو اهڙي ريت پاڻ هڪ سنڌي فلم ٺاهيائين مڱر هڪ سنڌي فلم برسات جي رات  منجهه هيرو جو ڪردار پڻ زبردست نموني ادا ڪيائين جڏهن ته هڪ ٻئي سنڌي فلم سهڻا سائين  ۾ ولن جو ڪردار به سهڻي نموني سان پرفار ڪيائين پاڻ  ٽيليويزن تي  ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ هيري جو ڪردار ادا ڪندو رهيو  سنڌ جو هي ناميارو شاعر ڪيترائي سال روزاني عوامي آواز اخبار منجهه پنهنجي من جو آواز شعري ٽڪرو لکي اخبار جي سونهن ۾ اضافو ڪندو رهيو سونهاري سنڌ جي هن محبتي مرڪون ورهائيندڙ شاعر کي سنڌ جا سمورا شاعراديب ڏات ڌڻي ادبي حلقي ۾ ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن پاڻ به عبدالغفار تبسم صاحب پڻ  هر ننڍي وڏي اديب شاعر کي جيئ منجهه جايون ڏئي  محبت ۽ مرڪن سان عزت ۽ احترام ڪندو نظر آيو آهي  پاڻ سير سفر ڪرڻ جو پڻ ڪوڏيو آهي تبسم صاحب دنيا جي ڪيترئن ئي ملڪن جي سرزمين ڏسي ان جا نظارا پسي آيو آهي سال 1978ع ڌاري پنهنجي والد صاحب سان گڏ سعودي عرب گهمي ڪعبت الله ۽ ٻنهي جهانن جي نبي سڳوري  آقا  حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي روضي عطهر جي زيارت ڪرڻ بعد عمري ادا ڪرڻ جو شرف پڻ حاصل ڪيو اهڙي ريت سال 1992ع متحده عرب امارت دبئي منجهه سنڌي سدائين گڏ  تنظيم جي نيڊ تي شرڪت ڪئي تنهن بعد هن دنيا جي ٻين ملڪن جهڙوڪ آمريڪا منجهه سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران دعوت ۾ شڪاگو  ڪئيليورفنيا  واشنگٽن  نيويارڪ ملائيشيا  ٿائلينڊ  سينگاپور جرمني ۽ برطانيه به چڱي نموني گهمي ڦري آيو آهي  وادي مهراڻ جو هي پهريون شاعر آهي جنهن جي شاعري جي  پهرين سي ڊي ڪيسٽ  آمريڪا جهڙي ملڪ منجهان سال 1999ع ڌاري رليز پڻ ٿي  عبدالغفار تبسم سال 1966ع ڌاري پنهنجي شاعري  جي  پهرين مجموعي کي ڪتابي   شڪل گلشن جهڙا گل  ڇپرائي پڌرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو تنهن بعد سنڌ جي هن نماڻي حساس طبعت جي سهڻي شاعر سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب جهڙوڪ  گلشن جهڙا گل سال 1966ع ، شفق وارا ڇانورا سال  1982ع مٽي جا سر سال 1991ع  سوچون صحرا سراب سال 1995ع نيڻ جي آڳر سال1996ع ڪندي ڪناري ناُوسال 1999ع موسيقي موسم ۽ تبسم سال 2003ع اڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن سال 2004ع ، سج آرسيءَ ۾ سال 2005ع  شامل آهن جن سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪيو ان کان علاوه عبدالغفار تبسم صاحب شاعري کانسواءِ سفرنامو ۽ آتم ڪهاڻي پڻ لکي آهي اهڙي ريت سفرنامو زندگي تنهنجا رنگ هزار  ۽ آتم ڪهاڻي ( سي ئي جوڀن ڏينهڙا سال 1994ع ڌاري سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڌرو ٿي اضافو ڪيو  سنڌ جو هي سيبتو شاعر سال 1980ع ڌاري شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي اعوان خاندان  منجهان شادي ڪئي جڏهن ته رب سائين  اولاد ۾ پنجن پٽن خليل جبران  ارسلان  نوشيروان  زعفران  فاران ۽ هڪ نياڻي ساره غفار سان پنهنجي زندگي جا پل ڪراچي ۾ گذاري رهيو آهي ،  پنهنجي سهڻي ڌرتي جو هي سهڻو ، پيارو ۽ محبتي شاعر  اڄ 20 نومبر2020ع جمعي جي ڀلاري ڏھاڙي پنهنجي69 هين سالگره جو ڪيڪ گهر وارن سان گڏ ڪٽيندو ۽ ادبي کيتر جا سڀئي ساٿي سنڌ ڌرتيءَ جي حساس ،نماڻي شاعر کي جنم ڏينهن مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن نامياري شاعر لاءِ رب پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا جا هٿ ته سندس کي سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ته جئين هو پنهنجي من اندر جي احوال سان سونهاري سنڌ جي ادب کي ڏات سان سر شار ڪندو رهي سندس کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون،  تبسم ڪهڙي نه شاندار ڳالهه شعر ۾ ٻڌائي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو