پشاور جلسي جي اجازت رد، جلسو هر حال ۾ ٿيندو، ڪُنڊي

پشاور (ويب ڊيسڪ ) پشاور جي انتظاميا پي ڊي ايم کي 22 نومبر تي جلسي لاءِ اجازت ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جاري ٿيل ليٽر ۾ انتظاميا چيو آهي ته پشاور سوڌو ڪي پي جي ٻين علائقن ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پيپلز پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪُنڊي چيو آهي ته انتظاميا حڪومتي دٻاءُ ۾ اچي پي ٽي آءِ جِي بِي ٽيم جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فيصلي کي نٿا مڃون، 22 نومبر تي پشاور ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو. هن چيو آهي ته صوبائي حڪومت پي ڊي ايم جا لڳايل بينر هٽائي رهي آهي اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا. هوڏانهن اسد عمر جي اپيل تي اسپيڪر قومي اسمبلي سمورين جماعتن جي پارليماني ليڊرن جو 25 نومبر تي اجلاس گهرايو آهي ته جيئن ڪورونا ۾ واڌ سبب حڪمت عملي جوڙي سگهجي.پي ڊي ايم جي ترجمان ميان افتخار اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو. ياد رهي ته اڳ ۾ اسپيڪر پارليماني ليڊرن کي قومي سلامتي بابت بريفنگ لاءِ دعوت ڏني هئي اپوزيشن وارن انڪار ڪندي بائيڪاٽ ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو