پسند جي شادي ڪندڙ ناري جي بازيابي جو حڪم

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسلام قبولڻ بعد پسند جي شادي ڪندڙ ناري آرزو فاطمه کي 5 نومبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم، آءِ جي سنڌ سوڌو ڌرين کي نوٽيس . ناري جي والدين جي وڪيل  دليل ڏيندي چيو ته آرزو کي بازياب ڪرائي طبي معائنو ڪرايو  وڃي ۽ سندس عمر جو پتو ڪيو وجي ، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جذباتي ناهي ٿيندي، قانون موجب هلنداسين، هتي قانون موجود آهي ۽ ننڍي عمر ۾ ڪابه شادي نٿي ٿي سگهي، ناري جي بازيابي کانپوءِ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويندو، عدالت آرزو فاطمه کي بازياب ڪرائي دارالامان اُماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪراچي ۾ مسيحي ناري آرزو فاطمه مسلمان ٿيڻ بعد پسند جي شادي ڪئي هئي، عدالت ٻاهران ناري جي والده ڌيءُ جي بازيابي لاءِ روئندي رهي، آرزو جي والده جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس کي سڀ خبر آهي ۽آرزو کي اغوا ڪندڙن سان رابطن ۾ آهي، منهنجي اڳيان جاچ آفيسر جوابدارن سان ڳالهائي رهيو هو، وڏي وزير مراد علي شاهه کان آرزو کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو