هاڪرن جي اسٽال تي قبضي خلاف صحافين جو احتجاج

هاڪرن جي اسٽال تي قبضي خلاف صحافين جو احتجاج

نوشھرو فيروز(رپورٽ اسد علي  عمراڻي)مورو شھر جي شاھي بازار ۾ 50 سالن کان ھلندڙ مختلف اخبارن جي اسٽال تي بااثر پاران قبضي ڪرڻ جي ڪوشش، اسٽال جي مالڪ ء روزاني پنھنجي اخبار جي سول ايجنٽ خدا بخش ميمڻ کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ ء سنڌ جي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف عوامي پريس ڪلب جي سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صحافين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو جنھن جي اڳواڻي ايم ظفر تڳر ۔اختر علي چانڍيو۔ عزيز باغي ڦل ۔دين محمد تڳر ارسلان سھتو محسن سيال ۔غلام نبي تڳر۔مھر وسطڙو۔سڪندر اعظم ڪلھوڙو ۔ماجد تڳر خالد چانڊيو  اسد عمراڻي فريد لاشاري الھ اوڀايو تڳر ۽  ٻيا ڪري رھيا ھئا جتي ھنن چيو تہ 50 سالن کان وٺي مختلف اخبارن جو اسٽال آھي، جنھن تي بااثر ماڻھو ڊاڪٽر عبدالرزاق پيرزادو پاران قبضو ڪري ان کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ صحافين کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيو جنھن جي اسان سخت لفظن م مذمت ڪريون ٿا ء صحافي راؤ محمد لطيف راجپوت ء سندس پٽن مٿان درس ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جيڪو پڻ صحافت تي وار آھي ھنن چيو تہ سنڌ جي صحافين کي حق سچ لکڻ جي سزا ڏيندي انھن تي حملا ڪرائي انھن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري خاموش رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر اسان صحافي نہ جھڪيا آھيون ء نہ وري حق سچ لکڻ کان ڪيٻائينداسين مظاھرو ڪندڙ صحافين وزير اعظم پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ء انفارميشن کاتي جي اعليٰ حڪام کان مطالبو ڪيو تہ سنڌ جي صحافين کي تحفظ فراھم ڪري مورو جي سينئر صحافي خدا بخش ميمڻ ء راؤ محمد لطيف راجپوت، راؤ عزيز راجپوت سميت ٻين تتي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري صحافين م ڇانيل مايوسي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جڏھن ته وڪيل برادري ء ھاڪرن پڻ حمايت ۾ احتجاج ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو