قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تصديق ڪري ٿو ته مڙدن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اپريل 2021ع ۾ 3 ون ميچن جي سيريز لاءِ ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي، اها سيريز آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو هوندي. پي سي بي جو چوڻ هو ته شيڊول تحت اها سيريز سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2020ع ۾ ٿيڻي هئي پر ڏکڻ آفريقا ۾ ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هاڻي فيوچر پروگرام (ايف ٽي پي) تي عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن کانپوءِ زمبابوي جو دورو ڪيو ويندو جنهن ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي رانديون کيڏيون وينديون. پي سي بي ٻڌايو ته ٻنهي سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جون رانديون نه ٿي سگهيون هيون پر جولاءِ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم انگلينڊ جو دورو ڪيو جنهن کانپوءِ پاڪستاني ٽيم به انگلينڊ وئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جون رونقون بحال ٿي رهيون آهن، زمبابوي جي ٽيم 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي راندين جي سيريز لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي جنهن کانپوءِ پاڪستان جي ٽيم نيوزي لينڊ ويندي. قومي ٽيم ڊسمبر ۾ نيوزي لينڊ ويندي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 18 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي 20 راندين جي سيريز کيڏيون وينديون. سيريز کان اڳ ڪورونا وائرس جي پروٽوڪولز کي سامهون رکندي قومي ٽيم نومبر جي آخري هفتي ۾ نيوزي ليند پهچڻ کانپوءِ ٻن هفتن تائين قرنطينا ۾ رهندي. دوري جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي جنهنجي تحت ٽي ٽوئنٽي رانديون آڪلينڊ، هيملٽن ۽ نيپيئر ۾ 18، 20 ۽ 22 ڊسمبر تي کيڏيون وينديون، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 26 ڊسمبر تي پهريون ٽيسٽ مائونگنوئي ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ راند جي ميزباني 3 جنوري کان ڪرائسٽ چرچ ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو