ميچ نه کٽي سگهياسين، ڊبل سينچري جي ڪا اهميت ناهي: هيري بروڪ

ميچ نه کٽي سگهياسين، ڊبل سينچري جي ڪا اهميت ناهي: هيري بروڪ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): انگلينڊ جي ڪپتان ۽ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ ڊبل سينچري ٺاهيندڙ هيري بروڪ چيو آهي ته سندس لاءِ ڊبل سينچري جي ڪا به اهميت ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٽيم ميچ کٽي نه سگهي.راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هيري بروڪ چيو ته هو هميشه ميچ کٽر اننگز کي اهميت ڏيندو آهي ۽ ڊبل سينچري ٺاهڻ باوجود ميچ نه کٽڻ تي خوش ناهي. هن چيو ته سريلنڪا جي ٽيم شاندار ڪرڪيٽ کيڏي، رانديگرن بائونڊريون به هنيون ۽ سنگل رنسون به حاصل ڪيون. انگلينڊ طرفان ليام ڊاسن بهترين بالنگ ڪئي. انگلينڊ جي ڪپتان موجب راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي پچ تي لڳ ڀڳ 900 رنسون ٺهيون، پر سندس نظر ۾ پچ بهترين هئي. هيري بروڪ چيو ته راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ جا جهنڊا به نظر آيا ۽ انگلينڊ جا مداح دنيا ۾ سڀ کان بهترين آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو