آءِ جي سنڌ جي اغوا جي جاچ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سينيئر صحافين ۽ انساني حقن جي ڪميشن جي پاڪستان جي اڳوڻي چيئرمين آءِ اي رحمان سنڌ جي آءِ جي پوليس جي مبينا اغوا تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي آءِ جي جي مبينا اغوا ۽ حراست سان گڏوگڏ فوجداري جاچ ۾ غير قانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل مداخلت کي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ۽ صوبائي خودمختياري تي اثرانداز قرار ڏنو وڃي. اها درخواست ڪرامت علي، ناظم فدا حسين حاجي، محمد جبران ناصر، مهناز رحمان، سليمه هاشمي، زهره بانو، محمد تحسين، ناصر عزيز، فرحت پروين، فهيم زمان خان ۽ انيس هارون طرفان سينيئر وڪيل فيصل صديقي داخل ڪئي آهي.پٽيـشن ۾ گهرو وزارت کانسواءِ رينجرز کي سنڌ جي آءِ جي جي معاملن ۽ اختيارن ۾ مداخلت کان روڪڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي.پٽيشن ۾ ان معاملي جي انڪوائري لاءِ هڪ ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ته ڇا 19 آڪٽوبر تي سنڌ جي آءِ جي کي اغوا ڪري زوري رٽائرڊ ڪيپٽ صفدر جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. درخواست گذارن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهو سچ آهي ته ڪميـشن کي ان ڳالهه جو تعين ڪرڻ گهرجي ته اهڙي غير قانوني ڪارروائي ۾ ڪهڙا ادارا يا ماڻهو ملوث هئا.پٽيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو ان ۾ ملوث آهن ڪميشن انهن جي باري ۾ قانوني ڪارروائي به تجويز ڪري ۽ اها ڪارروائي انتظامي معاملن تائين محدود نه هجي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ سڌارا آندا وڃن.سپريم ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهرو ۽ بچاءُ وزارتن ۽ پاڪستان رينجرز کي آءِجي پي جي اختيار ۽ دائريڪار ۾ مداخلت جو اختيار ناهي مليل ۽ رينجرز کي سنڌ حڪومت جي ماتحت پنهنجون قانوني ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ان ۾ درخواست ڏيندڙن جي بنيادي حقن متعلق عوامي اهميت جو سوال شامل آهي ته جيڪڏهن صوبي جو آءِ جي اغوا ۽ حراست ۾ ٿي سگهي ٿو ته سڀني شهرين ۽ سنڌ صوبي ۾ رهندڙن جي آئين جي دفعه 9 جي تحت زندگي ۽ آزادي جا حق، دفعه 14 جي تحت عزت جا حق ۽ دفعه 10 اي جي تحت مناسب حق جي عمل کي وڏو نقصان پهتو ۽ بنيادي حقن جي ضمانت ناقابل اطلاق بڻجي وئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن ۽ امن امان برقرار رکڻ رياست جي اهم ذميواري کي وڏو نقصان پهتو جڏهن ته آءِ جي جي اغوا سان پوليس جي خودمختياري به متاثر ٿي آهي.پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ان غير قانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل فعل سان پاڪستاني رياست جا بنياد لُڏي ويا آهن.ياد رهي ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ اپوزيشن جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيل مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جي مڙس رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي قائداعظم جي مزار ۾ نعرا لڳائڻ تي صبح جو سويري هوٽل مان گرفتاري  ڪيو ويو هو، گرفتاري جي ٿوري دير کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو هڪ آڊيو ڪلپ وائرل ٿيو هو جنهن ۾ سنڌ جي آءِ جي کي مبينا اغوا ڪرڻ جي باري ۾ ڳالهه ڪئي وئي هئي. بعد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو چيو هو ته آفيسر سوال پڇي رهيا آهن ته اهي 2 ماڻهو ڪير هئا جيڪي آ ءِجي سنڌ جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ صبح جو 4 وڳي نامعلوم هنڌ وٺي ويا هئا. ان معاملي تي صوبائي پوليس جي ڪجهه آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز به موڪل تي وڃڻ جون درخواست ڏنيون هيون. ڄاڻايل آفيسرن جي درخواستن ۾ چيو ويو هو ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي معاملي دوران مداخلت ٿي ۽ پوليس تي دٻاءُ وڌو ويو جنهن ڪري پوليس آفيسر ۽ ملازمن جا دل مايوس ٿي ويا آهن. هنن چيو هو ته دٻاءُ جي اهڙي ماحول ۾ پيشوراڻه فرض نڀائڻ مشڪل آهي ۽ ان دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ موڪل جي ضرورت آهي. پوليس آفيسرن جي ڏنل اهڙين درخواستن کانپوءِ بلاول ڀٽو جي اپيل تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪور ڪمانڊڙ ڪراچي کي ان واقعي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن تي پوليس آفيسرن موڪلن جون درخواستون 10 ڏينهن لاءِ واپس ورتيون. ٻئي طرف سنڌ حڪومت به ان معاملي جي جاچ لاءِ وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا 30 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو