ڪلوئي (رپورٽ:غلام مصطفي نهڙيو)ٿرپارڪر جا روڊ رستا تازين برساتن ۽ ٻوڏ کانپو۽ هنڌان هنڌان اکڙي ويا,وک وک تي کڏا پئجي ويا, عوام نڌڻڪو, حادثا معمول بڻيل, ڪيترائي گهر اجڙي ويا, اڪثر ٽرانسپورٽرن مسافر گاڏيون بيهاري ڇڏيون, ڏکن ۽ سورن جي ماريل ماڻهن صبر جو دامن نه ڇڏيو, چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ سرڪار کان روڊن جي مرمت جو مطالبو ڪيو آهي. ڏيپلو – علي بندر, ڪلوئي – ڏيپلو روڊ, نئون ڪوٽ, گرڙا ٻهه – ڏيپلو, ونگو – علي بندر روڊ سميت تعلقي ڪلوئي, ڏيپلي, مٺي ۽ ننگرپارڪر سميت لاڳاپيل علائقن جا اڪثر روڊ رستا هنڌان هنڌان اکڙي ويا۔ مختلف علائقن جا مين توڙي لنڪ روڊن جي حالت خراب هجڻ ڪري رهواسي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ´´گهر پهتو ته شڪر, نه پهتو ته ٽڪر“ اجڙيل روڊن تي سفر لا۽ نڪتل ماڻهن جا گهرڀاتي اڪثر اوسيئڙي ۾ وقت گهارين ٿا۔ هتان جي رهواسين جي من ۾ اڪثر اهو سوال جنم وٺندو آهي ته ڏيپلو ۽ ڪلوئي تعلقن جي لاوارث رستن جي ڪڏهن وارثي ٿيندي يا نه؟
ڪڏهن ڪڏهن اندر ۾ اهو به سوال اڀري اچي ٿو ته ڇا اڻ ڳڻيا حادثا ۽ حادثن سبب ڪيترن ئي گهرن جي اجڙڻ باوجود اختيار ڌڻين کي اڃا ڪنهن وڏي حادثي جو انتظار آهي. ڏيپلو – علي بندر, ڪلوئي – ڏيپلو روڊ, مٺي – نئوڪوٽ ۽ ڪلوئي ڏانهن ويندڙ مک روڊ, نئون ڪوٽ, گرڙا ٻهه – ڏيپلو, ونگو – علي بندر روڊ, ڪلوئي فارم – ڪلوئي روڊ, بچو ڀوت کان ڪلوئي لنڪ روڊ, ونگو کان ڪلوئي با۽ پاس روڊ, ڪلوئي کان کيتلاري با۽ پاس روڊ, ڍوڍارو کان کيتلاري ويندڙ لنڪ روڊ, ننگرپارڪر جو مک روڊ ڏانوڌانڌل کان ويراواهه سميت ٿر جي سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ ڪافي سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب ننڌڻڪا بڻيل آهن, جيڪي هاڻ لوڻ وارين کاڻين جي ٺيڪيدارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهن۔ لوڻ ڪڍيندڙ ٺيڪيدار ئي وس وارا آهن ته کڏا ڀرين يا نه, انهن جي مرضي! هن لاوارث ننڌڻڪي روڊ ڪيترن ئي گهرن کي اجاڙي تباه ڪري ڇڏيو۔ ڪيترن گهرن جي ڀاتين کي جڏو ڪري ڇڏيو۔ ڪلوئي , ڏيپلو, مٺي ۽ ننگرپارڪر سميت ضلعي جا اڪثر روڊ2008 ارباب غلام رحيم وڏ وزارت واري دور جا رستا2011ع واري مها ٻوڏ کانپو۽ اڄ ڏينهن تائين ٻيهر تعمير ٿي نه سگهيا آهن, جڏهن تازو پيل تيز برساتن ۽ ٻوڏ کانپو۽ روڊ رستن جي حالت ويتر خراب ٿي چڪي آهي, جنهن سبب رهواسين کي پنهنجن ماڳن ڏانهن سفر ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن, منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئه ٿئي ٿو ۽ ڪلاڪن جي سفر کي سارو ڏينهن لڳيو وڃي. روڊ رستا نه ٺهڻ سبب ڪلوئي, ڪاجهر, ڏيپلو, ڀٽارو, نئون ونگو, لس, ٻولهاڙي, سينهر کوهي, چڙيل, ڳاها خرچ, صندوق, کيتلاري, ڀڪڙيو, ويسري, وارهه, سومرا کوهي, لسيو, ڏيڙو, ڏاڀڙي, گرڙا ٻهه, ويسرا ٻائي, ڪلڻهيار, ڀوڄاڪر, سينگاريو, ڀونئريائي, کوروڙو, سجائي, مهرانڍ, کيروڙو, نيتاوري درس ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي تڪليف ڀوڳي رهيا آهن۔
مٺي ويجهو ڳـوٺ ٻيواٽو کان ٿرڪول مک روڊ تائين ويندڙ لنڪ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي ۽ رستي تي واري به وري وئي آهي, جنهن سبب گاڏيون واري ۾ ڦاسي پون ٿيون۔ رهواسين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ٿر جو ڪوئلو ڪڍڻ لاء روڊ ٺاهي سگهجن ٿا ۽ ٿر مان بجلي پنجاب پهچائڻ لاء لائين وڇائي سگهجي ٿي , ته پوء صدين کان آباد ٿرين لاء گهربل سهولتون ڇو نٿيون ڏئي سگهجن. هوڏانهن ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ ڳرڙا ٻهه جي رهواسين روڊ جي مرمت نه ٿيڻ تي دانهيندي ٻڌايو ته نئون ڪوٽ کان سندن ڳوٺ تائين ايندڙ روڊ 2007 ارباب دور ۾ ۾ ٺهيو هو پر 2011 جي مها ٻوڏ ۾ ٽٽي تباھ ٿي ويو, چونڊيل نمائندن کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر ڪابه نه ٻڌي.