چرسي حڪومت نه کپي، يزيد جا مخالف آهيون، مولانا

ڪوئٽا(ويب ديسڪ) مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ صفدي اعواڻ جي گرفتاري، محسن داوڙ کي وپاس ڪرڻ جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿو ۽ جيڪڏهن انهن کي ٿورو به شرم آهي ته ٻڏي مرن. هن ابتدا ۾ فرانس ۽ ڊنمارڪ ۾ رسول پاڪ جا خاڪا جاري ڪرڻ بابت مذمتي ٺهراءُ منظور ڪرايو. هن چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ خلاف جعلي صدر جي ريفرنس کي خارج قرار ڏيندي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو. ٻن ججن لکيو آهي ته صدر کي مستعفي ٿيڻ گهرجي.

Photo Twitter

مان چوان ٿو ته هاڻي اوهان قانوني ۽ اخلاقي جواز به وڃائي چڪا آهيو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو پي ڊي ايم جي موقف جو عڪاس آهي ته هي جعلي حڪمران آهن ۽ اسانجي تحريڪ هاڻي اڃا تيز ٿيندي. مولان چيو ته 18هين ترميم ۾ تبديلي، ٻيٽن تي قبضي، اين ايف سي ۾ تبديلي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين، ڪنهن به ناديده قوت کي عوام جي حق تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته ملڪي معيشت تباهه آهي، هن چيو ته ڀارت جو رويو دشمني وارو آهي ۽ پاڪستان جي ڪمزور معاشي صورتحال سبب ملڪ تباهه ڪرڻ جي سازش پيو ڪري. هن چيو ته چين 70 ارب ڊالر خرچ پيو ڪري ته معيشت بهتر ٿئي پر هن حڪومت چيو ته پاڪستان ميگا پروجيڪٽ جو متحمل ناهي، ننڍا ننڍا منصوبا ڏيو، مرغي ۽ انڊي جا منصوبا ڏيو، لک لعنت آهي اوهانجي سوچ تي. اسان اڄ چين ۽ سعودي عرب جهڙن دوست ملڪن کي ناراض ڪيو آهي، توکي ڪهڙي خبر پرڏيهي پاليسي جي، تون پاڪستان کي تنها ڪري ڇڏيو، تون ته افغانستان کي به ناراض ڪري ڇڏيو. اڄ ايران، افغانستان سڀ انڊيا سان گڏ آهن، چين به ناراض آهي. ڪشمير اسانجي پرڏيهي پاليسي جو محور رهيو، ڇا عمران اها رٿ نه ڏني هئي ته ڪشمير ٽن حصن ۾ ورهايو. ڇا تون مودي جي حڪومت لاءِ دعا نه گهري هئي، مودي جڏهن ڪشمير تي قبضو ڪيو ته هي چپ ڪري ويهي رهيا، هي ڪشمير فروش آهن. گلگلت کي پنجون صوبو ڀلي ٺاهيو پر گڏيل قومن ۾ پيش ڪيل نقشن ۾ گلگت کي ڪشمير جو حصو ظاهر ڪيو هو هاڻي جڏهن انکي صوبو ٺاهينداسين ته ڪشمير جي حيثيت ڇا رهندي؟. هندوستان خوشي ان وقت ملهائي جڏهن وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو. اسان ڪشميرين جي خون تي سياست ڪئي، هاڻي هنن پاليسين تي ڪشمير جا نوجوان ڇا سوچيندو، هن چيو ته جيڪو حشر بي آر ٽي جو ٿيو آهي اهو سيپيڪ ۽ پوري ملڪ جو ٿيو آهي. هن چيو ته اسين بار بار پاڪستاني رياست سان وفاداري جو حلف کنيو آهي، اسان پاڪستان جي بقا لاءِ ميدان ۾ آيا آهيون. اسين ادارن خلاف ناهيون ادارا ناگزير هوندا آهن پر جيڪڏهن هو جعلي حڪومتون مسلط ڪندا ته اسين شڪوه ڪنداسين، اڄ به قوم کا معذرت ڪريو ته اليڪشن چورائڻ جو ڏوهه مڃو ته اڄ به اکين جا تارا آهيو، اوهان انسانن کي جانور ٿا سمجهو، مان طاقتور قوت کان وڌيڪ طاقتور آهيان ڪنهن کي جانور سمجهڻ نه ڏيندس، اسانکان زوري اهري حڪومت قبول ڪرائي ٿي وڃي، جيڪا مديني جي رياست نه پر ڪوفو آهي. اسان مديني مزاج ماڻهن جي زندگي ڪوفي ۾ ڪٽجي پئي. هن چيو ته هڪ ڪردار حسين جو آهي ٻيو يزيد جو آهي اسين حسين جا حامي آهيون. هي بي شرمي سان چون ٿا ته اين آر او نه ڏينداسين، اها اسانجي ضرورت ناهي هاڻي تنهنجي ضرورت آهي. تون انصاف جي نالي قوم کي ڌوڪو ڏنو، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو ڌوڪو ڏنو، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ايترون نوڪريون ناهن پيدا ٿيون. هاڻي چوي ٿو ڀنگ پيئو. اسانکي چرسين ۽ ڀنگ وارن جي حڪومت نه کپي. مان تنهنجي حڪومت کي نٿو مڃان. هر طبقو رڙيون ٿو ڪري پر توکي انهن جي آهه ٻڌڻ ۾ نٿي اچي، هتي هي عورتون بيٺيون هيون، لاپته ماڻهن کي واپس ڪريو، هنن قوتن جا دل ڪارا ٿي ويا آهن، انساني حقن جا عالمي ادارا ان جو نوٽيس وٺن، هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته ڊيپ اسٽيٽ اها هوندي آهي جتي فوج ۽ ايجنسين جي حڪومت هجي ۽ جڏهن ڪو کين چيلينج ڪري ته انهن کي اغوا ڪري ماريو وڃي، اسانکي پنهنجو چهرو ڏسڻ گهرجي، اسانکي اهڙي غلام رياست نه کپي مان آزادي لاءِ جهاد ڪندس. هن چيو ته ظلم کان نڪرڻو آهي، پوري قوم، جوانن، پوڙهن، مائرن ۽ ڀينرن کي چوان ٿو خوشحال رياست ۽ آزاد رياست لاءِ گهران نڪرڻو پوندو، گهر ويٺي ڪجهه ناهي ملندو، پوري قوم کي نڪرڻو پوندو، اسانکي فوج عزيز آهي، فوج اسانجي اکين جي پلڪن وانگي آهي پر ان پلڪن جو هڪ وار به حد پار ڪري اک ۾ هليو وڃي ته ان کي ڳوڙهن سان نڪري ته ٺيڪ نه ته ان کي ڪڍڻو پوندو آهي. هن چيو ته ملڪ کي ايترو پري نه وٺي وڃو. هن چيو ته مجبور نه ڪريو، اسان همت ۽ جرئت سان اڳتي وڌنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو