پاڪستان، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن جو قرضي آهي، اچڪزئي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان فيڊريشن آهي هتي ڪير آقا يا غلام ناهي، اسين برابر جا شهري آهيون، آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا، هر فيصلو پارليمان ۾ ٿيڻ گهرجي، سڀني ادارن کان پارليمان بالادست آهي. هن هيلري ڪلنٽن جي انٽرويو جو حوالو ڏيندي چيو ته هوءَ چوي ٿي ته پاڪستان ۾ اصل حڪومت ايجنسين جي آهي، جيڪو سندن بالادستي تسليم نٿو ڪري ان کي ماري ڇڏين ٿا، اوهان ءتو کي قتل ڪيو، اوهان عطاءَ الله مينگل جي وڏي پٽ کي قتل ڪيو اچ تائين قبر جي خبر ناهي، اوهان ڪنهن کي ڪڍي ٿا ڇڏيو، ڪنهن کي نا اهل قرار ٿا ڏيو، اهو هاڻي نه هلندو.  اچڪزئي چيو ته اسانکي ڪمزور نه سمجهو، اسين باهه لڳائڻ نٿا گهرون، اسين پاڪستان ۾ آئين جي حڪمراني چاهيون ٿا، جنهن ڏينهن اوهان 18 هين ترميم ختم ڪئي ان ڏينهن جهيڙو ٿيندو، اوهان سوات، وزيرستان ۽ قبائلي علائقن ۾ چيچن، ازبڪن ذريعي اسانجو قتل عام ڪريو، پوءِ به چئو ٿا اسين غدار آهيون، اسين ڪڏهن پاڪستان مرده باد جو نعرو ناهي هنيو، پاڪستان جو نظريو سنڌين، بلوچن، ۽ پٺاڻن جو قرضي آهي.وزيرستان ۾ جميعت جي 1200 عالمن ۽ ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو آهي، اوهان قتل ڪريو ۽ پوءِ به چئو ته اوهان جي دهل تي نچون، ايترا بيغرت ناهيون، ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن اسين پهنجو ڍول وڄائڻ شروع ڪيو. اسين ان نقطي تي نٿا وڃڻ چاهيون، اسان کي ديوار سان نه لڳايو، اسانجي وڏن آزادي جي جنگ وڙهي باچا خان پهريون قيدي بڻيو. مريم بي بي اهو ٻڌي اوهان کي ڏک ٿيندو، نوروز خان کي قرآن تي معاهدو ڪري 6 ٻارن سوڌو ماري ڇڏيو، هن چيو ته بلوچستان ۾ بلوچ ۽ پٺاڻ برابر هوندا، ڊيورنڊ لائن پشتون ۽ بلوچن کي ورهائي ٿي، 122 سال ٿيا هي لائن ٺهي، اسانجي زمين افغانستان ۾ آهي، سنجراڻي، باديني، اچڪزئي، ڪاڪڙن جون زمينون افغانستان ۾ آهن هاڻي باڙ لڳائي وئي آهي، اسانکي زمين تي وڃڻ لاءِ پاسپورٽ تي وڃڻ قبول ناهي، اسين ٻنهي پاسن جي پشتونن کي چونداسين ته اها تار پٽي اڇلايو، اسين مري به وياسين ته پويان ايئن ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو