ٽن ڏينهن کان گم نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

اوٻاوڙو (غلام علي رند) ڪمون شھيد جي ڳوٺ جندو چاچڙ جو رھواسي راشد علي پٽ گل محمد چاچڙ جيڪو ٽن ڏينھن کان گم ھو تنهن جو تشدد ٿيل لاش فصل مان هٿ آيو آهي. وارث مسلسل ڳولا جي ڪوشش ڪندي ڳٺ لڳ وونئڻن جي فصل ۾ پهتا ته سندس لاش نظر آيو. اھڙو اطلاع اوٻاوڙو پوليس کي ملڻ تي لاش ڪمون شھيد چوڪي انچارج الهجوايو رند کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو. مقتول جي والد گل محمد چاچڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 3 ڏينھن اڳ اسان جو نوجوان گم ٿيل هو جنهن جو اڄ اسان کي وونئڻن جي فصل مان لاش مليو آھي وڌيڪ وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جي ڪنھن سان به  دشمني ناهي پوليس جاچ ڪري اصل مجرمن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو