والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين، شيرازي

ٻيلو شھر(شعيب الرحمان ميمڻ)پوليو کان بچاءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊي ايڇ او آفيس سجاول ۾ صحت کاتي سجاول طرفان آگهي مهم جو پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ پوليو مهم ۾ بهترين ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. پروگرام ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي خصوصي طور شرڪت ڪئي ،جنهن خطاب ڪندي چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آھي جنهن جو علاج موجود آهي پوليو کان بچاءَ  لاءِ ٻارن کي ڦرا پياريو. آئون والدين کي اپيل ڪندس ته هو ڪنهن غلط پروپئگنڊه جو شڪار نه ٿين  پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ۽ گهر گهر ايندڙ ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو صحت کاتي سان هر ممڪن تعاون رهندو۔.ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سجاول ڊاڪٽر شھناز خواجه چيو ته آئون سلام پيش ڪريان ٿي اسان جي فرنٽ لائين ورڪرن کي جيڪي گرمي سردي ۾ گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پيارين ٿيون اهو ڏينهن پري ڪونهي جنهن ڏينهن اسان جي ملڪ مان پڻ پوليو جو خاتمو ايندو۔ ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن پوليو  سجاول   ڊاڪٽر انور احمد ميمڻ اي۔ڊي۔سي ون سجاول سردار رياض لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔اين۔آر۔ايس پي جي منصور کوسو مير مرڪ واڍو مرف جي آدم ملڪ پي۔اي۔او ڊبليو ايڇ او سجاول ڊاڪٽر مرتضيٰ کنڀاٽي يونيسيف جي عرفان احمد مهر اين۔ اسٽاپ ڊاڪٽر راجيش ڪمار تعليم کاتي پوليس جي نمائندن ۽ ٻين  پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۔جنهن کانپوء پوليو جاڳرتا لاء هڪ ريلي ڊي۔ايڇ۔او آفيس سجاول کان سول اسپتال سجاول تائين ڪڍي ويئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو