بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي، يونيورسٽي جو افتتاح

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي ۾ تعليمي سيشن جي افتتاح لاءِ سکر پهچي ويو آهي، هن سان گڏ صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، ناصر شاهه، شبير بجاراڻي، ڄام اڪرام، منظور وساڻ ۽ مرتضيٰ وهاب به گڏ آهن. ايئرپورٽ تي اويس قادر شاهه سندن استقبال ڪيو. وڏو وزير ڪابينا جي اهم ميمبرن سان گڏ سيد خورشيد سان ملاقات ڪندو، سکر پريس ڪلب م ميٽ دي پريس کي خطاب به ڪندو. ياد رهي ته بيگم نصرت ڀٽو جنهن کي پيپلز پارٽي وارا جمهوريت جي ماءُ به چوندا آهن، تنهن جي اڄ نائين ورسي آهي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو ۽ سيد نيئر حسين بخاري جاري ڪيل بيان ۾ کيس خراج پيش ڪندي چيو آهي ته هن ضياءَ الحق جي آمريت سان مهاڏو اٽڪائي سڀني کي آمريت سان وڙهڻ جو سبق ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو