اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، سرڪاري دوائون هٿ

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار)اينٽي ڪرپشن سکر ٽيم جو پنوعاقل ۾ صحت کاتي جي ڪلارڪ جي گھر تي ڇاپو ھڻي وڏي مقدار ۾ سرڪاري دوائون ھٿ ڪري ورتيون آهن. ڪلارڪ اشتياق ڪلھوڙو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيس سکر جي انچارج مقصود سومرو جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڊي ايڇ او سکر آفيس جي ڪلارڪ جي گھر تي ڇاپو ھنيو. بائجي چوڪ تي واقع سندس گھر تي ڇاپي بابت ٽيم جي انچارج مقصود سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيس سکر مان دوائون چوري ٿيڻ جي شڪايتن  بعد ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي آھي سندس گھر مان لکين رپين جي ماليت جون سرڪاري دوائون ھٿ ڪيون ويون آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو