باجوا صاحب بيوقوف دوستن کان بچو، مولانا فضل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيو ته امام حسين ڪڏهن يزيد کي قبول ناهي ڪيو، مان محترمه ۽ سندس شهيد ساٿين کي سلام پيش ٿا ڪريون، اڄ اوهانجو قرض به ادا ڪريون ٿا ته اوهان آزادي مارچ جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ اوهانجو شلريو ادا ڪريان. دوستو پي ڊي ايم آزاد جمهوري فضائن کي بحالڪرڻ جي آهي، ٻن سالن کان مجبور ڪيو ٿو وڃي ته بدترين ڌانڌلي جي حڪومت ۾ ٺاهيل حڪومت کي قبول ڪريون، لالچ ۽ ڌمڪيون به مليون پر اسين واضح ٿا ڪريون ته هي هي ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي، گجرانولا ۾ تاريخي جلسو ٿيو، نواز شريف خطاب ڪيو پر سندس تقرير جي ڪجهه حصن ت ڪجهه ادارن کي اعتراض ڪيو پر همراهه بوٽ بالش ڪرن شروع ڪئي، هو چوي ٿو ته خواجا آصف ڪيئن ميمبر بڻيو رات 8 وڳي جنرل باجوا کيس کٽرايو، باجوا صاحب اسانکي تون قبول آهين پر احمق دوستن کان ته بچ؟  مولانا چيو ته اسين ڪشميرين جي خون سان سوديبازي ٿا ڪريون؟ گلگت کي پنجون صوبو ٺاهڻ چاهيندا ته اها مودي جي خوشنودي هوندي. اسان 18 هين ترميم پاس ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين صوبن ک خودمختار ڏني، 13هين ترميم ذريعي آزاد ڪشمير کي اختيار ڏنا، اڄ اوهين اهي واپس ٿا وٺو، ڇا ان سان بغاوت پيدا نه ٿيندي، اوهان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو ڪندا ته ڪو به انهن فيصلن کي تسليم نه ڪندو؟ هن چيو ته صوبن جا حق ڦٻائڻ جو ڪنهن کي اختيار ناهي، سنڌ ورهائڻ جو ڪنهن کي اختيار ناهي؟

عمران، ڪشمير نه پر ڪلڀوشن جو وڪيل آهي، بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بهتري جي ضمانت 1973 جو آئين آهي، رياست جي ذميواري عوام کي سهولت ڏيڻ آهي پر اهو واعدو هن حڪومت ٽوڙيو آهي، اڄ غريب مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، هاءِ ويز تي اسانجي ڀيڻن جي جون عزتون لٽجن ٿيون، وزيراعظم کي ڪشمير جي وزيراعظم تي غداري جي پرچي جي خبر ميڊيا تان ملي ٿي، مخالفن لاءِ نيب جو انڌو قانون آهي، پر پنهنجي دوستن خلاف ڪجهه نٿو ڪري، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي 300 ارب سنڌ کي نه ڏنا، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، عمران خان ڪراچي کي انڌيري ۾ ڌڪڻ واري ڪي اليڪٽرڪ ۾ پونهنجي دوست کي بچائڻ چاهي ٿو، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ته پري جي ڳالهه پر لڙي نه آيو، بلاول چيو ته هوش ڪريو سنڌ جي ٻيٽن بابت آرڊيننس واپس ڪريو، اربع تائين آرڊيننس واپس نه ٿيا ته سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، هي ٻيٽ سنڌ ۽ بلوچستان جا آهن ڪنهن جي پيءُ جا ناهن. هي ڪشمير نه پر ڪلڀوشن جو وڪيل آهي. هن چيو ته اسانجي آواز کي رياست ۾ لاپته ڪيو ٿو وڃي.هي عوام جي ووٽ نه پر ڪنهن ٻئي جي ڪري آيو آهي، هي آئين کي نٿو مڃي، پارليمان کي نٿو مڃي، هن کي عوام جي بک نظر نٿي اچي، هي پاڻ کي جمهوريت ٿو چوي، هي ڪٺ پتلي وزيراعظم ۽ سندس سهولت ڪارن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته تاريخ جو ڪو به آمر خلق خدا سامهون نه ٽڪي سگهيو آهي.اسين جمهوريت جو دفاع پنهنجي خون سان ڪيو آهي. اسين جمهوريت خاطر اختلاف وساري ملڪي بقا ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، مشرف جي آمريت ۾ نواز شريف ۽ محترمه چارٽر آف ڊيموڪريسي ڪيو. هن چيو ته اسانجي جدوجهد عوامي حڪمران لاءِ آهي، قانون جي حڪمراني لاءِ آهي، هي لڙائي، پارليمان ۾ به وڙهنداسين، سڙڪن تي به وڙهنداسين، ڪنهن ڪنهن کي جيل ۾ وجهندا، ڇا ڪڏهن عوام جيل ۾ پيو آهي، ميڊيا تي پابندي، ٽڪ ٽوڪ تي به پابندي پر بکايل ٻار جي روئڻ تي ڪيئن پابندي لڳائيندا، جبر ۽ ظلم وارا نٿا بيهي سگهن، ڇا هي سمجهن ٿا ته اسين تنهنجي ڌمڪين کان ڊڄي وينداسين تنهجي ڇا اوقات آهي؟ شهيد ناصر بلوچ ضيا جي ڦاسي گهاٽ جو مقابلو ڪيو ۽ چيو ته خاموشي ڇو آهي، هن نعرا هنيا ته جيئي جيئي ڀٽو، ڇا شهيد اياز سمون جو جواب ڏيندا ته جنهن ڀٽو جيان ڦاسي قبول ڪئي؟ بلاول چيو ته گرفتار ڪرڻ چاهيو ٿا ته شوق پورو ڪريو، عورتن جي گرفتاري نه ڏينداسين؟ هي عوام اوهانکي نه ڇڏيندو. هي جنگ انهن جي آهي جن ڪڏهن غلامي قبول نه ڪئي آهي. هي تحريڪ آئين جي حق حڪمراني جي آهي، هي تحريڪ هر ماڻهو کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان ڏيڻ لاءِ آهي، توکي وڃڻو پوندو ۽ وڃڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو