هي ملڪ عوام لاءِ آهي يا ڊي ايڇ اي لاءِ؟ اختر مينگل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار اختير مينگل چيو ته هن ملڪ ۾ اسانکي پهرين ڏينهن کان غداري جي سرٽيفڪيٽ مليا هاڻي ته انهن کي اڏوهي کائي وئي آهي، نون غدارن کي ڀليڪار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڃا ڪجهه شهرن ۾ جلسا ٿيڻا آهن، ڪنهن ڪنهن کي غدار قرار ڏيندو، لاهور واري جلسي تائين ته سڄو ملڪ غدار ٿي ويندو، ڇا وفادار اهي آهن ۽ محب وطن اهي آهن جيڪي ڊڪٽيٽرن جا بوٽ چٽيندا رهيا آهن. هن چيو ته هي ڪهڙو ملڪ آهي ٻن وزيراعظمن کي قتل ڪيو ويو، ڪنهن کي مدت پوري نه ڪرڻ ڏني، عدليا ۽ ميڊيا تي پابنديون آهن، اسين گهران نڪرڻ وقت وصيت لکي ٿا نڪرون، هي آزاد ملڪ آهي؟ اهڙي جمهوريت ته چڙيا گهر ۾ به نه ڏٺي آهي. هن چيو ته هي ملڪ عوام لاءِ آهي يا ڊي ايڇ اي لاءِ آهي. هن چيو ته ميڊيا وارا چون ٿا ته ڪارڪنن کي قيمي وارا نان کارائن ٿا، اسانجا ورڪر بک تي پنهنجي خرچ تي ايندا آهن، ڇا هي ملڪ آسٽريليا ۾ ٻيٽ خريد ڪندڙن لاءِ ٺاهيو ويو آهي يا انهن مائرن لاءِ آهي جن جي مٿي تي اڃا پوتي به ناهي. ڇا هي ملڪ ڊالر ڪمائي ٻاهرين ملڪن ۾ بئنڪ بيلنس ٺاهڻ وارن لاءِ آهي. پاڪستان ۾ ڪا عدالت آهي جيڪا انهن کان پڇي سگهي، اسانجي جوانن جو خون ڪندڙن کا ڪير پڇندو؟ هن چيو ته وفاق هاڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، اوهين فيڊريشن نه پر قبضاگير آهيو. هن چيو ته اسين پورچوگيزن سان وڙهي سامونڊي ٻيٽ بچايا اڄ انهن تي اوهان قبضو ٿا ڪريو؟ سينڊڪ اڌ اوهان کائي ويا ۽ اڌ چين کي کارايو ويو، هن چيو ته حيات بلوچ جي والده جي پوتي لاهي سندس پٽ جا هٿ پير ٻڌي گوليون هنيون وين، ايئن ته فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ٿيندو آهي، نوجوانن جا مسخ شده لاش مائرون چهرن سان نه پر جوتن سان سڃاڻن ٿيون، ڇا هي اسلامي پاڪستان آهي؟ اسين پوءِ به جمهوريت جي ڳالهه ٿا ڪريون. مونکي اها جمهوريت کپي جيڪا منهنجي مائرن ڀينرن جي پوتي نه لاهي، نوجوانن جا مسخ شده لاش نه ملندا، بزرگن جو پڳڙيون نه لهنديون، مونکي اها فيڊريشن کپي. اهڙي جمهوريت لاءِ جان مال ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو