ڇوڪرين جي غير اخلاقي ويڊيو ٺاهيندڙ گروهه گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نوڪري جَي بهاني نارين کي گهرائي سندن غير اخلاقي وڊيوز ٺاهيندڙ گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اَي جَي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيض الله ڪوريجو موجب نارين جو ايپليڪيشن ذريعي عالمي ڪلائنٽس سان رابطو ڪرايو ويندو هو، غير اخلاقي وڊيو ڪالنگ بعد نارين کي بليڪ ميل ڪري کانئن فحاشي ڪرائي وڊيوز ويب سائيٽ تي رکيون وينديون هيون، گروهه جا 35 ڄڻا سڄي پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، رمشا نالي عورت پورن ايپليڪيشن جِي مالڪ آهي، فضل قادر سندس پارٽنر آهي، فضل قادر ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، رمشا سميت ٽن جوابدارن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو