مال جي واڙي تي ڪم ڪندڙ پيءُ پٽ فوت 2 ٻيا زخمي

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار )بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڪا ڀرسان ماڪا برادريءَ ۽ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪچي ڀت جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، ماڪا برادريءَ جي ماڻھن پاران مبينا طور فائرنگ ۾ ڀيا برادري جي مال جي واڙي تي ڪم ڪندڙ چاچڙ برادري جو نوجوان پرويز چاچڙ ۽ سندس والد اربيلو چاچڙ گولي لڳڻ ڪري ٿڏي تي مارجي ويا جڏھن ته ٻه ڄڻا بيگ چاچڙ ، نادر چاچڙ زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتان ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ زخمين سکر ريفر ڪيو ويو  آهي ، مارجي ويل نوجوان ۽ مارجي ويل  سندس والد جي وارثن موجب ماڪا برادريءَ جي ماڻھن پاران ڀت جي ڳالھ تان ڀيا برادري جي ماڻهن سان تلخ ڪلامي ٿي جنھن تان ماڪا برادريءَ جي ماڻھن فائرنگ ڪري ڏني ڀيا برادريءَ جي مال جي واڙي تي ڪم ڪندڙ اسان جو نوجوان پرويز چاچڙ ۽ سندس والد اربيلو چاچڙ مارجي ويو  ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا ، جڏھن ته ٻنھي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پنوعاقل کان سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ، فائرنگ ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويا آھن ، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪريون پيا معاملي جي جاچ پڻ ڪري رھيا آھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو