ڪمشنر بينظير آباد جي ايس ايس پي سان فاتحه

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڪمشنر شھيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھ ضلعي نوشھر فيروز جو دورو ڪيو ان موقعي تي ھن ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف حسين لغاري سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز ڪيپٽن رٽائرڊ بلال شاھد رائو به موجود ھو جنھن بعد ڪمشنر نوشھرو فيروز ۾ تعمير ٿيندڙ پبلڪ پارڪ جو دورو ڪيو ۽ اتي ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ۽ پارڪ جي تعريف ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر کي ھدايت ڪئي ته پارڪ کي  وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاء گل ٻوٽا پوکيا وڃن ۽پارڪ جي صفائي سٿرائي جي پڻ ساراھ ڪئي ۽ وڌيڪ سھولتون فراھم ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي ۽ پارڪ ۾ ٻارن جي تفريح لاء وڌيڪ جھولا لڳايا وڃن ته جيئن شھرين کي تفريح جو وڌيڪ موقعو ملي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو