ڊي سي پاران کاڌي پيتي جي شين جي ريٽ لسٽ مقرر

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر، ريٽ لسٽ جاري، عمل نه ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڊي سي گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا ويا آهن جنهن جي ريٽ لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر  اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختياڪارن کي هدايت ڪئي  آهي ته هو ضلعي انتظاميه پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي سختي سان عمل ڪرائن جڏهن ته عمل نه ڪندڙن مٿان ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي، هن بيورو آف سپلائيز اينڊ پرائيس جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو روزانو جي بنيادن تي اگهن جو جائزو وٺن ته جيئن ضرورت موجب ريٽ لسٽ ۾ ردوبدل ڪري سگهجي. گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر پاران هن اگهه مقرر ڪيا ويا آهن دال چڻو پنجاب 130 روپيا في ڪلو، دال چڻو سنڌ 115 روپيا، دال مڱ ڌوتل (اي) 240، دال مڱ ڌوتل (بي) 220 روپيا، دال مهري ڌوتل 140 روپيا، دال ماش ثابت 230 روپيا، دال مڱ ثابت 205 روپيا، دال مٽر 85 روپيا، ڇولا (8 ايم ايم) 120روپيا، ڇولا (9 ايم ايم) 125 روپيا، ڇولا (12 ايم ايم) 140 روپيا، ڇولا ثابت برما 100روپيا، اڇيون رهان 165 روپيا، ڳاڙهيون رهان 250 روپيا، ثابت مڱ 200 روپيا، مڱ پشاوري 230 روپيا، مٺائي 110 روپيا، ڳڙ 100روپيا، چانور ڪرنل پنجاب 150، چانور ڪرنل سنڌ 130 روپيا، چانور 86 (اي) 100 روپيا، چانور 86 (بي) 90 روپيا، چانور ٽوٽو پنجاب 90 روپيا، چانور ٽوٽو سنڌ 65 روپيا، چانور ايري 55 روپيا، اٽو اسپيشل 48 روپيا، بيسڻ 125 روپيا، سوجي 70 روپيا، ميدو 70 روپيا، لوڻ 10روپيا، سرنهن جو تيل 200 روپيا، ٻڪر جو گوشت 830 روپيا، وڇڙي جو گوشت 450 روپيا، مينهن/ڳئون جو گوشت 400 روپيا، کير 90 روپيا، ڏھي 115 روپيا، مڇي ڏنڀرو هڪ ڪلو کان گهٽ وارو 250 روپيا، ڏنڀرو ڪلو کان وڏو 320 روپيا، پڪوڙا 200 روپيا، اسپيشل مٺائي 320 روپيا، مڪس مٺائي 300 روپيا اهڙي ريت اڇي جيري جو اگهه في 50 گرام 30 روپيا، ڪاريون مرچون 35 روپيا، وڏا ڦوٽا 90 روپيا، ننڍا ڦوٽا 290 روپيا، دارچيني 35 روپيا، لونگ 75 روپيا، هيڊ 15 روپيا، سڪل ڌاڻا ثابت 14 روپيا، سڪل ڌاڻا پيٺل 15 روپيا اگهه مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسپيشل چانهه جو ڪوپ 30 روپيا، اڌ ڪوپ 20 روپيا، نان 100 گرام وارو 12 روپيا، ماني 100 گرام واري 10 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي ياد رهي ته مرغي، کنڊ، سبزي ۽ فروٽ جا اگهه روزانو جي بنيادن تي مقرر ٿيندا رهن ٿا انڪري عوام کي گهرجي ته خريداري دوران دوڪاندارن وٽ موجود مارڪيٽ ڪاميٽي جي ريٽ لسٽن ۽ تاريخ جو جائزو وٺي رقم ادا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو