وفاقي والار قبول ناهي، سنڌ حڪومت چٽو موقف رکي، پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن سنڌ جو سمنڊ ايشيا جو گيٽ وي آھي، عالمي سامراجي طاقتون ھن خطي تي قبضي لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رھيون آھن، جنھن لاءِ ڪڏھن ڌار صوبو ته ڪڏھن ذوالفقار آباد ته ڪڏھن ڪراچي ڪميٽي جي سازش ڪئي وڃي ٿي، جنھن کانپوءِ اڳتي ھلي نئون اسرائيل بنايو ويندو. ڪراچي جي ٻيٽن تي نون شھرن جي صورت ۾ قبضو انھي سازش جي ڪڙي آھي. سنڌ جو عوام پنھنجي سمنڊ ۽ ٻيٽن تي قبضي جي سازش برداشت نه ڪندو ۽ نئون اسرائيل بنجڻ نه ڏينداسين  سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، آخر ڪهڙي قانون تحت وفاقي سرڪار آئيلينڊ ڊوپلمينٽ اٿارٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت ڀلي لڪ ڇپ ۾ سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ وفاق کي کپائي ڇڏي پر سنڌ جو عوام ڪڏھن به خاموش نه ويھندو۔ وفاق سنڌ تي حملي آور ٿيڻ بند ڪري۔ سنڌ دشمن آرڊيننس واپس ورتو وڃي اياز لطيف پليجي چيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جي صوبائي  حدن جي اندر آھن ـ انھن جي مالڪي سنڌ وٽ آھي سنڌ وٽ ھئڻ گھرجي ۽ سنڌ وٽ رھندي ان کان علاوه سنڌ جو سمنڊ سنڌ جو درياء سنڌ جا جبل سنڌ جا وسيلا سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڍورا اھي ڪي اسان کي وفاقي حڪومت تحفي ۾ ڪونـ ڏنا آھن نـ ڪنھن سياسي پارٽي ڏنا آھن نـ اسان کي ڪنھن گفٽ ڏنا آھن نـ قبضو ڪيو آھي اھي ھزارين لکين سالن کان سنڌ جي ملڪيت آھن سنڌ کي قدرت ماء طرفان مليل آھن تنھن جي ڪري انھن تي ڪوبـ ڌاڙو سنڌ جي ھزارين ۽ لکين سالن جي ورثي تي ڌاڙو آھي ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن تي ڌاڙو آھي تنھن جي ڪري آرڊيننس رد ٿا ڪيون اھو آئين ۽ قانون پاڪستان جي خلاف آھي  ۽ ان تي سوديبازي ڪندڙ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جيڪو ڳٺ جوڙ ڪيو آھي اھو ڳٺ جوڙ ڪندڙ حملي آور ۽ غدار آھن اياز لطيف پليجي چيو تہ آئون وفاقي حڪومت کي وارنگ ٿيو ڏيان تـ وفاقي حڪومت اھڙا ڪم نـ ڪري ڪجھ وقت کان پوء ڪا ڌر اقتدار ۾ ھوندي يا نـ ھوندي  حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آھن اھڙيون حرڪتون نـ ڪيون وڃن جيئن ضياالحق ۽ يحي خان جي باري ۾ زمانن تائين ماڻھو انھن کي عوام دشمن سمجھن ٿا جيئن جعفر ۽ صادق کي سمجھيو ٿو وڃي جيئن کھڙي ۽ راشدي کي سنڌ دشمن سمجھيو ٿو وڃي ۽ ھاڻي سنڌ جي ماڻھن جي راء جڙي وڃي ڪنھن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي باري ۾ جڙي وئي تـ اھا ھزارين سالن تائين قائم رھندي اھا درست ڪونـ ٿيندي تنھن جي ڪري پنھنجي ڪرپشن جي ڪيسن جي خاتمي لاء ۽ پنھنجي ڪرپٽ ماڻھن کي بچائڻ لاء صوبائي حڪومت ماٺ ۾ جيڪو ڳٺ جوڙ پئي ڪري وفاقي حڪومت سان سنڌ حڪومت رڳو بيان پئي جاري ڪري اياز لطيف پليجي چيو ته ٻيٽن جي آرڊيننس تي سڄي سنڌ احتجاج ڪندي تڏھن ٻـ لفظ ڊرامي طور ڳالھائيندا سنڌ حڪومت اھو ڊرامو بند ڪري ۽ وفاقي حڪومت باز اچي سنڌ جا جيڪي سامونڊي وسيلا آھن خود جيڪي بلوچستان جا جيڪي سامونڊي وسيلا آھن جيڪي ڪي پي ڪي جا معدني وسيلا آھن جيڪي پنجاب جا معدنياتي وسيلا آھن اھي سڀ انھن صوبن جي ھزارين سالن جي ملڪيتن ۽ تاريخ جي تسلسل جو حصو آھن تنھن جي ڪري ھتي پاڪستان ۾ پاڻ ھڪڙي ڪانٽريڪٽ 1940جي ريزوليشن تحت ھڪ ٻي جا ڀائر بڻيا آھيون  ھڪڙو ملڪ بڻيا آھيون اھو ملڪ پاڻ سڀني جو آھي ھن ملڪ ۾ ان قسمن جي نفرتن جو ٻج ڇٽڻ جنھن سان ماڻھو ماڻھو جي خلاف ٿين اڳ ۾ سنڌ جي درياءَ تي ڌاڙو ۽ ھاڻ وري سنڌ جي سامونڊي حدن تي  ڌاڙو سنڌ جي سامونڊي جزيرن تي ڌاڙو ان جزيرن ۾ رھندڙ ماڻھن جي گذر سفر تي ڌاڙو آھي اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي بحريا ٽائون جي آڙ ۾ ماڻھن کي لڏايو دربدر ڪيو پيو وڃي سنڌ جي ھزارين سالن جي ڳوٺاڻن کي لٺيون ھڻي بلڊوزر ۽ ايڪسيويٽر ذريعي ڳوٺن کي ڊاھي مسمار ڪري اتي کرب پتي ماڻھن کي آباد ڪرڻ جون اسڪيمون ٺاھيون پيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو