حڪومت پاران 3 لک 40 هزار ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطه ڪميٽي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽو مهانگو ٿيڻ سبب 3 لک 40 هزار ٽن ڪڻڪ پرڏيهه مان گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٻولي ڏيندڙ مسيزر جي ٽي سي ايس نالي ڪمپني کي 284 ڊالر في ٽن جي حساب سان ڪڻڪ گهرائڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي. ناڻي بابت وزيراعظم جي مشير لاهور مان اسلام آباد ۾ ٿيل اي سي سي جي اجلاس جي ويڊيو لنڪ تي صدارت ڪندي اها منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو