نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)پوليس ۽ ضلعي انتظاميه جي نااهلي سبب شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي وارثن کي ڌمڪيون ملڻ روز جو معمول بڻيل آهي جڏهن ته محرابپور , ڪنڊيارو سميت ضلعي اندر صحافين کي ڌمڪائڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جنهن عمل جي سخت لظفن ۾ مذمت ڪريان ٿو اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي ضلعي جنرل سيڪريٽري محبوب ڪلهوڙو پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ ڪيو آهي هن چيو ته جنهن وقت کان ايس ايس پي الطاف حسين لغاري ضلعي جي چارج سنڀالي آهي ان ڏينهن کان صحافين کي ڌمڪيون ملڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ۽ صحافين خلاف هڪ گهري سازش تحت ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته صحافين جون موٽر سائيڪلون سندس مٽن مائٽن جون چوريون ڪرائي کين سچ لکڻ کان روڪڻ جي ناڪام سازش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته نوشهروفيروز جي صحافين اڪثر سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ غريب بي پهچ مظلوم ماڻهن جي دانهن بڻجي انهن جو آواز اعلى ايوانن تائين پهچايو آهي عمران جوکيو ، شفيق سولنگي ، وزير راڄپر ، شهزادي نانگور سميت صحت ، تعليم ، پاڻي جي کوٽ بنيادي سهولتون نه هجڻ وڏيرن جي ڏاڍ جبر خلاف نوشهروفيروز جي قلم ڌڻين پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ صحافين کي پهريان شهيد علي شير راڄپر ۽ پوءِ شهيد عزيز ميمڻ جون شهادتون تحفي ۾ ڏنيون ويون آهن جيڪا قلم ڌڻين سان وڏي زيادتي آهي. هن وقتي آءِ جي سنڌ ، وزير اعلى سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته محرابپور جي شهيد صحافي جي وارثن کي ملندڙ ڌمڪين جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري نااهل ضلعي پوليس انتظاميه تي هوندي.










